Friday , April 26 2024

اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز گرفتار، اڊيال جيل منتقل

اسلام آباد (رپورٽر   سنڌسماءَچار) احتساب عدالت پاران قيد ۽ ڏنڊ جي سزا آيل اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز کي پاڪستان پهچڻ تي لاهور ايئرپروٽ تان گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو آهي. جيل موڪلڻ کان اڳ نيب اختيارين ٻنهي ڄڻن لاءِ احتساب عدالت هنگامي بنيادن تي ڪارروائي ڪري نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل ۾ قيد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڪيا. اڳوڻو وزيراعظم ۽ ن ليگ جو تاحيات قائد ميان محمد نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز 13 جولاءِ تي لنڊن کان ابوظهبي رستي لاهور ايئرپورٽ پهتا. جيئن ئي جهاز لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ تي پهتو ته، نيب عملدارن ۽ هڪ ليڊي اهلڪار جهاز اندر پهچي ويا. نيب عملدارن ٻين مسافرن کي لهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي؛ نواز شريف ۽ مريم نواز کي جهاز جي اندر ئي گرفتار ڪري ورتو.

جهاز ۾ موجود ايف آءِ اي جي عملدارن نواز شريف ۽ مريم کان سندن پاسپورٽ وٺي ضبط ڪري ڇڏيا. جنهن کانپوءِ نيب ٽيم ٻنهي کي جهاز مان لاهي ايئرپورٽ جي حج لائونچ ۾ منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد ٻنهي کي خصوصي جهاز ذريعي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو. نواز شريف ۽ مريم کي اسلام آباد پهچائڻ بعد، احتساب عدالت جي جج محمد بشير ۽ نيب پراسيڪيوشين جي ٽيم رات احتساب عدالت پهتي. عدالت نيب جي پراسيڪيوٽر جي درخواست تي نواز شريف ۽ مريم نواز جا جڊيشل وارنٽ جاري ڪيا.

نيب پراسيڪيوشن ٽيم جي سربراهه مظفر عباسي عدالت کي درخواست ڪئي ته نواز شريف کي ايون فيلڊ ڪيس ۾ 10 قيد ۽ ڏنڊ ۽ مريم نواز کي 7 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي چڪي آهي، جيڪي پرڏيهه ۾ هجڻ ڪري گرفتار نه ٿي سگهيا ها. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ڪجهه وقت اڳ ٻئي مجرم لاهور ايئرپورٽ تي پهتان جتان کين گرفتار ڪيو ويو آهي. جنهن تي عدالت سوال ڪيو ته گرفتار ڪيل مجرم ڪٿي آهن؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته ٻڻهي ڄڻن کي عدالت وٺي اچڻ سيڪيورٽر رسڪ هو، جنهن سبب کين پيش ناهي ڪيو، اهي اسلام آباد ايئرپورٽ تي نيب جي ئي تحويل ۾ آهن. جنهن  بعد عدالت مريم نواز جا جڊيشل وارنٽ جاري ڪرڻ واري درخواست منظور ڪئي. جنهن بعد رهيل قانوني ڪارروائي مئجسٽريٽ مڪمل ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *