Friday , April 26 2024

ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي ملي ڀڳت، پي ٽي سي ايل  جي پيغامن مان سنڌي ٻولي ختم

ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق وفاقي وزير ٿيڻ بعد پهريون ڪم پي ٽي سي ايم مان سنڌي ٻولي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪمران جماعت تحريڪ انصاف ۽ سندس اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم جي سنڌي ٻولي سان دشمني وارو رويو منظر تي اچي ويو آهي، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي پاران لينڊ لائين فون ۾ شامل پيغامن ۽ رهنمائي لاءِ شامل سنڌي ٻولي ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندڙ سنڌي رڪاڊنگ کي ختم ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل امين الحق انفارميشن ٽيڪنالوجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن جي وفاقي وزير جو حلف کڻڻ ۽ وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ پهريون قدم پي ٽي سي ايل مان سنڌي ٻولي جي رڪاڊڻگ وارا پيغام ختم ڪراچي ڇڏيا، ٽويٽر ۽ فيس بڪ سميت سماجي رابطن جي مختلف ويب سائيٽس تي وارن پيغامن ۽ رهنمائي وارا سنڌي ۾ رڪارڊنگ پيغام ختم ڪرڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ باوجود وزيراعظم عمران خان سميت تحريڪ انصاف جي سنڌي اڳواڻن به اڃا تائين نوٽيس ناهي ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *