Friday , April 26 2024

اليڪشن دوران سرڪاري نوڪرين،مقرين ۽ بدلين تي لڳايل پابندي ختم

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن چونڊن سبب پهرين اپريل کان سرڪاري ادارن ۾ ڀرتين تي لڳايل پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مڪاني ادارن جي معطل ڪيل سمورن سربراهن کي به بحال ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن جاري، ڪامياب ٿيل سمورن اميدوارن کي 4 آگسٽ تائين خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ کانپوءِ ئي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پهرين اپريل کان سڄي ملڪ ۾ سرڪاري نوڪرين جِي ڀرتين تي پابندي لڳائي وئي هئي، جيڪا اڄ کان ختم ڪئي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڀرتين تان پابندي هٽائڻ باوجود نگران حڪومتون اعليٰ عهدن تي مقرريون ۽ بدليون نه ڪري سگهنديون. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عام چونڊن جَي سلسلي ۾ مڪاني ادارن کي معطل ڪرڻ وارو حڪم به واپس ورتو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوار 4 آگسٽ تائين پنهنجن خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جا پابند آهن. پڌرائي موجب 4 آگسٽ کان هڪ ٻه ڏينهن کانپوءِ اميدوارن جِي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ٽن ڏينهن اندر آزاد اميدوار ڪنهن به جماعت ۾ شامل ٿي سگهندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *