Friday , April 26 2024

گهارو واسين جو قبضا مافيا ۽ روينيو عملدارن خلاف احتجاج

ملير( رپورٽر     سنڌسماءَچار) گهارو جي ڳوٺ مامون جوکئي جي ڳوٺاڻن ملير پريس ڪلب آڏو لينڊ مافيا ۽ روينيو آفس ساڪرو گهارو جي ڪرپٽ آفيسرن خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.ڳوٺاڻن ۽ زمين جي کاتيدارن گل محمد، علي محمد، اسحاق، صدام، علي اڪبر، يعقوب، غفور ۽ ٻين احتجاج ڪندي  چيو ته سندن زمينن تي لينڊ مافيا قبضا ڪرڻ شروع ڪيا آهن،جيڪي کين ڇڏرائي ڏنا وڃن. بعد ۾ ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته  اسانجي قديمي ڳوٺ لڳ ديهه کاري سير ۾ 24 ايڪڙ زمين جو 2007 واقعي ۾ رڪارڊ سڙي ويو هو، جنهنجو فائدو وٺندي ڪرپٽ روينيو عملدارن ڪراچي جي هڪ وڏي لينڊ گريبر جي نالي ڄاڻايل زمين جا ڪوڙا کاتا ٺاهي ڏنا آهن. هنن چيو ته ڪاغذن جي آڌار تي لينڊ مافيا  زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڳوٺاڻن چيو ته  هٿياربند غنڊا کين لڏائڻ ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ موتمار ۽ ڪوڙي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ڳوٺاڻن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس آف سنڌ هائي ڪورٽ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته  انهن سان  انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *