Tuesday , August 11 2020
uren

پاڻي کوٽ بابت راڳ نسورو ڪوڙ تي ٻڌل آهي

ڪراچي (سنڌسماءَچار رپورٽ) پاڻي کوٽ جو راڳ ڳائيندڙن جو چوڻ آهي ته، پاڪستان ۾ ڊيم ٺاهڻ ان لاءِ ضروري آحن جو پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. ڇو ته 1947 ۾ هڪ ماڻهو لاءِ 6500 لٽر پاڻي موجود هو؛ جيڪو هاڻي رڳو 900 لٽر في ماڻهو بچيو آهي. اهو جواز ڄاڻائيندي پاڪستان ۾ ڊيمز جا حامي چون ٿا ته جيڪڏهن ڊيمز نه ٺاهياسين ته پيئڻ لاءِ پاڻي مهانگي اگهه تي خريد ڪرڻو پئجي ويندو يا وري اسان اڃ مري وينداسين. ان ڪوڙ جي حقيقت ڪجهه هن طرح آهي ته، جڏهن 1947 ۾ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ۽ اسان جو ملڪ پاڪستان قائم ٿيو جنهن جي آبادي (بنگلاديش کانسواءِ) 4 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ هئي  ۽ ان وقت في ماڻهو جي استعمال لاءِ 6500 هزار لٽر پاڻي  وجود هو. ڪوڙ هيئن ٿو ثابت ٿئي ته، هن وقت پاڪستان جي جي آباد لڳ ڀڳ 22 ڪروڙ ٿي وئي آهي ۽ في ماڻهو جي اسعمال لاءِ 900 لٽر پاڻي موجود آهي. جنهنلاءِ چون ٿا ته اهو 2025 تائين ختم ٿي ويندو ۽ پاڻي ڏوڪڙن کانسواءِ نه ملي سگهندو. جيڪي آبادي ۽ موجود پاڻي جا انگ اکر 1947 جا آهن ۽ هن وقت آهن، انهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڻي جي کوٽ وارو معاملو ناهي پاڻي موجود آهي پر جيئن ته آبادي ۾ واڌ ٿي آهي انڪري في ماڻهو پاڻي جي استعمال جو مقدار گهٽيو آهي.

ڊيم جي حامين جو اهو دليل پاڻي تي ڦُٽي برابر آهي ڇو ته،  ڊيم ٺاهڻ سان پاڻي جو مقدار ڪنهن به صورت ۾ وڌندو ناهي ان ۾ صرف موجود پاڻي گڏ ڪري سگهبو آهي. جيڪڏهن ڊيم ٺاهي ذخيرو ڪرڻ لاءِ مدو 30 ڏينهن مان وڌائي 90 ڏينهن به ڪجي ته، في ماڻهو پاڻي جي لاءِ پاڻي دستياب ڪرڻ ممڪن ئي ناهي، اڃا اها گهٽجي ويندي ۽ ان سان مسئلا وڌي سگهن ٿا. ڊيم ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ سان روزانو جي بنياد تي ان ۾ مٽي، واري، ريتي ۽ بجري (مختلف هنڌن تي) گڏ ٿيندي ويندي ۽ آهستي آهستي ڊيم جي سطح گهٽ ٿيندي ويندي جنهن سان پاڻي گڏ ڪرڻ وارو مقدار به گهٽ ٿيندو ويندو ۽ نيٺ اهو ڊيم به مدي خارج بڻجي ناڪارا ٿي ويندو.

ڊيمز ۽ زرعي استعمال لاءِ پاڻي جي لاءِ ڊيمن جا حامي چون ٿا ته،ڊيم ٺهڻ کانپوءِ غير آباد زمينون آباد ڪري سگهبيون ۽ ان سان زرعي اپت ۾ واڌ ايندي، انڪري ئي ڊيم ٺاهي اها ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي.

پاڪستان ۾ 80 ملين ايڪٽر ايراضي مان 20 ملين هيڪٽر ايراضي پوکي راهي جي قابل آهي ۽ ان 20 ملين هيڪٽرز مان 80 سيڪڙو تي پوکي راهي ٿي رهي آهي. انڪري باقي بچيل 20 سيڪڙو ايراضي کي پوکي راهي لائق بڻائڻ لاءِ ڊيمن اڻٽر آهن. پر ڇا ان واڌو ايراضي جي پوکي جي لاءِ ڊيمز ۾ ذخيرو ڪيل پاڻي ۽ ان جي صلاحيت ۾ فرق نه پوندو؟ جيڪڏهن ذخيرو ڪيل پاڻي جي صلاحيت/خاصيت (استعداد) کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ پاڻي مهيا ڪيو وڃي ته ڇا پوءِ پوکي راهي لاءِ موجود ايراضي کي پاڻي مهيا ڪرڻ تي فرق نه پوندو؟ ڇا ڄاڻايل واڌو ايراضي کي پوکي لاءِ پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ ان جي ورهاست نئون سياسي تقرار جنم نه وٺندو.

وڏن ڊيمن ٺاهڻ لاءِ اهو به جواز ڄاڻايو وڃي ٿو ته وڏن ڊيمن مان پيئڻ جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪري سگهبيون، جيڪو دليل اوهان پاڪستان ۾ وڏي ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڏيو پيا ان مان گهريلو استعمال لاءِ پاڻي مهيا ڪري ئي نه ٿو سگهجي، ان لاءِ انهن وڏن شهرن جي مناسب فاصلي (جيترو ٿي سگهي ويجهو) تي ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ( حب ڊيم ان جو مثال آهي) يا وري ان لاءِ جَر جو پاڻي استعمال ڪبو آهي. مطلب ته ڊيم ٺاهڻ جي حامين جو اهو جواز به سراسر ڪوڙ آهي.

سڄي دنيا جا پاڻي ماهر ان ڳالهه تي به متفق آهن ته، سمنڊ جي پاڻي کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ هڪ قدرتي نظام هوندو آهي ۽ اُهو آهي مٺي پاڻي جو سمنڊ ۾ وڃڻ جو قدرتي نظام، جيڪو نه رڳو سمنڊ کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندو آهي پر اهو سامونڊي ڪناري سان لاڳاپيل ماحوليات، سامونڊي جيوت، سامونڊي چاڙهه ۽ لوڻياٺ ڪي روڪڻ، تمر جي ٻيلن جي واڌ ويجهه سامونڊي خوراڪ، سامونڊي جيوت سميت انيڪ قدرتي وسيلن جو تحفظ ب ه درياهه جو مٺو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ سان ئي قائم دائم رهي سگهن ٿيون. سنڌو درياهه تي ماضي ۾ ٺهيل ڊيمز ۽ پاڻي جي کوٽ (جيڪا اڪثر ڪري هٿرادو آهي) جي نتيجي ۾ سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي (جيڪو قدرتي نظام جو اڻٽٽ حصو آهي) جو مدو ۽ مقدرا گهٽجي ويو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته سامونڊي پٽي تباهه ٿي وئي آهي.سمنڊ ۾ مٺو پاڻي نه وڃڻ جي نتيجي ۾ سامونڊي طوفانن(سونامي) جو به مک ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت، 12 سالن جي ڪارڪردگي،5 هزار اسڪول بند ڪرڻ جون تياريون

Share this on WhatsApp ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت صوبي ۾ بند پيل …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *