Friday , April 26 2024

پاڪستان

والاريل ڪشمير۾ ڀارتي بربريت جي مذمت ڪيون ٿا: آرمي چيف

راولپنڊي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو  آهي ته، گڏيل قومن جي ٺهراءَ مطابق والاريل ڪشميرين جي حق خود ارداي تسليم ڪيو وڃي، ڪشميرين تي ڀارتي بربريت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت ڪشميري عوام جي حق خوداراديت کي ظلمن ذريعي دٻائي نٿو …

Read More »

اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي ڪهه دير بعد ٻار جو لاش والدين کي ڏنو وڃي ٿو، اوهان صحت کي ڇڏي ڇو نه ٿا ڏيو؟چيف جسٽس جو صحت واري سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن وار معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. ان ادوران چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته، لاڙڪاڻي ۽ مٺي جي اسپتالن جي حالتن ۾ سڌارو اچي ئي …

Read More »

وسيم اختر ۽ فاروق ستار سميت ايم ڪيو ايم جا سڀ اڳواڻ دهشتگرد آهن: متحده جو اڳوڻو اڳوڻ جميل زاهد

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڪارڪن جميل زاهد ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جو سپريم ڪورٽ ۾ ڪالر/ڳچي مان پڪڙي چيو آهي ته، ڊاڪٽر فاروق ستار سميت سمورا اڳواڻ دهشتگرد آهن. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڪارڪن ميئر وسيم اختر جي ڪالر …

Read More »

منهنجي ڌيءُ فاطمه به عضوا عطيو ڪندي: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

ڪراچي( سنڌسماءَچار) چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، من هنجي ڌيءُ فاطمه به پنهنجا عضوا عطيو ڪندي، مرڻ کانپوءِ انساني عضوا عطيو ڪرڻ بابت ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ٿي رهي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ نوابشاهه ۾ ارڙي جي وئڪسين لڳڻ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي …

Read More »

رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن کي ياد به نه هوندس،منهنجي حمايت وارا بئنر هٽايا وڃن:چيف جسٽس ثاقب نثار

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، منهنجي ڀليڪار ۽ حمايت ۾ لڳايل سمورا بئنرز فوري طور تي هٽايا وڃن، رٽائر ٿيندس ته پوءِ مونکي ڪير ياد به نه ڪندو. سپريم ڪورٽر ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي شهر ۾ گندي پاڻي جي نيڪال، پيئڻ جي صاف …

Read More »

”سنڌ ۾ پ پ 100 سيڪڙو ڪامياب ٿيندي ۽ ڪراچي ۾ سرپرائيز ڏينداسين“: منظور وساڻ

ڪراچي (اصغر آزاد   سنڌسماءَچار)  سينئر پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته، ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي سنڌ مان سئو سيڪڙو ڪاميابي ماڻيندي ڪراچي ۾ پ پ سرپرائيز ڏيندي. منظور وساڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيومآهي ته، ”ايندڙ چونڊون بلڪل مختلف هونديون ۽ مختلف …

Read More »

سنڌ جي ٻين شهرن کانپوءِ ڪراچي ۾ به مسلمانن جي صفائي واري عملي طور ڀرتين جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر     سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي واٽر ڪميشن 200 مسلمان صفائي ڪندڙ عملي کي برطرف ڪرڻ  جو حڪم جاري ڪندي ڪراچي مان مڪمل ڪچرو صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ جي واٽر ڪميشن ۾ جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ شنوائي ٿي. واٽر ڪميشن ۾ شنوائي …

Read More »

سياستدان هڪٻئي تي الزام تراشين کان پاسو ڪري تعليم ۽ صحت جي مسئلن تي ڌيان ڏين

ڪراچي(سنڌسماءَچار   مانيٽر نگ ڊيسڪ) نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي چيو آهي ته سندس سياست ۾ اچڻ يا وزيراعظم بڻجڻ جو ڪو به شوق ناهي ڇاڪاڻ ته اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، سياستدانن کي هڪٻئي تي الزام هڻڻ بدران تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. برطانوي خابرو اداري بي بي …

Read More »

مختلف علائقن ۾ باهه جي واقعن ۾ 28 گهر سڙي ويا

ڪراچي (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سنڌ جي مختلف شهرن ۾ باهه جي واقعن سبب 28 پورهيتن جا گھر سڙي ويا، سندن گھرن ۾ پيل اناج سميت سمورو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. سنڌڙي ويجھو چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب ڀٽَ برادري جا 12 گھر سڙي ويا. ڳوٺ يار محمد …

Read More »

جيڪب آباد ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي پ پ اڳواڻ جو واپاري تي تشدد

جيڪب آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار)  پ پ اڳواڻ صابر جکراڻي ڀتو نه ڏيڻ تي واپاري اڳواڻ لالچند سيتلاڻي کي بنگلي تي سڏائي مبينا طور تي تشدد جو نسانو بڻائڻ خلاف شهر جي واپارين، هندو برادري ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ پ پ …

Read More »