Saturday , April 27 2024

مقامي خبرون

خيرپور ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

خيرپور(رپورٽ   سنڌسماءَچار) خيرپور ۾ سب انجنيئرنگ جي نوجوان پٽ بيروزگاري کان تنگ ٿي ميرواهه ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، نوجوان امان الله مري جو لاش خشڪ ڳوٺ ڀرسان ميرواهه ڪئنال مان هٿ ڪيو ويو آهي. خيرپور ۾ پبلڪ هيلٿ کاتي جي سب انجنيئر امان الله مري …

Read More »

مورو جي جمالي ٽائون جا رهواسي بنيادي سهولتن کان وانجهيل، بلڊر گم

مورو (رپورٽ: انس ٻرڙو   سنڌسماءَچار)  مورو ۾ بلڊر پاران قائم ڪيل جمالي ٽائون جا رهواسي 8 سالن کان گئس سميت بنيادي سهولتن کان وانجهيل، رهواسين جو چوڻ آهي ته بلڊر ۽ سوسائٽي جي مارڪيٽنگ ڪمپني ڪندڙ ڪمپني سکڻا آسرا ڌئي رهيا آهن پر عملي قدم کڻڻ لاءِ ڪو تيار ئي …

Read More »

رتو ديرو جي ڊاڪٽر جي لاپرواهي، نينگر جي حياتي بچائڻ لاءِ ٻانهن ڪاٽي وئي،سڄي حياتي لاءِ معذور

لاڙڪاڻو( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) رتو ديرو جي نجي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا لاپرواهي جي نيتيجي ۾ 13 ميهنن جو معصوم نينگر معذور بڻجي ويو آهي، چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽرن نينگر تنوير جي ٻانهن آپريشن ذريعي ڪپي سندس حياتي بچائي ورتي آهي. لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا اسپتال جي ڊاڪٽرن 13 مهينن جي …

Read More »

فيض گنج ۾ اليڪشن ڪميشن سي سي ٽي وي آپريٽرس کي معاوضو نه ڏنو

فيض گنج (رپورٽر   سنڌسماءَچار) فيض گنج ۾ اليڪشن ڊيوٽي ڏيندڙ سي سي ٽي وي ڪئميرا آپريٽرس معاوضو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪئميرا آپريٽرس جي ڊيوٽي ڪندڙن حسن شر، نويد شر، ذوالفقار کنڊ، قربان چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختيار ڪار آفيس کان مک چوڪ پڪا چانگ تائين …

Read More »

عوام لاءِ تعليم، صحت ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ زندگي جو مقصد آهي: پي ايس 28 جو آزاد اميدوار نثار شر

ٺري ميرواهه( رپورٽر  سنڌسماءَچار) صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 28 جي آزاد اميدوار نثار احمد شر چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، تڪ جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ۽ در در وڃي مهم دوران ڳالهائيندي نثار شر چيو آهي ته، ٺري ميرواهه جي عوام لاءِ بهترين تعليم، مفت …

Read More »

پي ايس 16 قمبر-شهدادڪوٽ تان پي ٽي آءِ چونڊن مان آئوٽ ٿي وئي

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) شهدادڪوٽ جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 16 تان پي ٽي آءِ اليڪشن جي مقابلي ٿيڻ اڳ اڳ ۾ ئي آئوٽ ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ اميدوار محمد علي هڪڙو پاران بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل لڪائڻ تي کيس اليڪشن وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو …

Read More »

هر ڀيري اليڪشن ۾ ووٽ وٺندڙ پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ڏئي سگهيا: پي ايس 28 جو اميدوار نثار شر

ٺري ميرواهه( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پي ايس 28 ٺري ميرواهه تي آزاد اميدوار نثار احمد شر چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي مختلف ڳوٺن جا دورا، نثار شر چيو آهي ته، 40 سالن کان ووٽ وٺي ايوانن ۾ ويندڙ نمائندا تڪ جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي به ڏئي سگهيا، صرف …

Read More »

گهوٽڪي ۾ جرڳائي وڏيرن عدالتي حڪم جون ڌڄيون اڏاري ڇڏيون، پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو 5 سالن کان دربدر

گهوٽڪي ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ الله بخش پتافي واسي نوجوان ۽ ناري پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ تي برادري نفرتن کان بچي ناهن سگهيا. الله بخش پتافي ۾ پنج سال اڳ نوجوان غلام عباس پتافي ناري خانزادي سومرو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن جو …

Read More »

فيض گنج ۽ تنگواڻي سميت مختلف ڳوٺن ۾ هڪ ڏينهن دوران ارڙي وگهي 6 ٻارڙا فوت

فيض گنج/تنگواڻي( رپورٽرز   سنڌ سماءَ چار) سنڌ ۾ ارڙيءَ وگهي اڄ وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا، اوٻاوڙي ۾ 3 ٻارڙن، تنگواڻي ۾ وڌيڪ ٻن ۽ فيض گنج جي ڳوٺ رحمت چانگ ۾ به هڪ ٻار دم زنفگي جي جنگ هاري ويو. سنڌ ۾ ارڙيءَ تي اڃا تائين ضابطو اچي …

Read More »

جيڪب آباد ۾ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش

جيڪب آباد( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) راڄ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش، پورهيتن کي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرز پاران ٻن پورهيتن جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار. چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري. جيڪب آباد ڀرسان راڄ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ …

Read More »