Friday , April 26 2024

مقامي خبرون

ڪراچي: رينجرز جي اختيارن ۾ 90 ڏينهن جي واڌ ٿي وئي، پوليسنگ جو اختيار به هوندو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: وفاقي گهرو وزارت ڪراچي ۾ رينجرز جي اختيارن ۾ 90 ڏينهن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. وفاقي گهرو وزارت موجب 18 جنوري تي سنڌ جي گهرو کاتي رينجرز جي اختيارن ۾ 90 ڏينهن واڌ ڪرڻ لاءِ سفارش درخواست هئي. گهرو وزارت ڪراچي اندر رينجرز جي پوليسنگ وارن …

Read More »

ڪراچي: وفاقي گهرو وزارت ايپيڪس ڪميٽي جي سفارشن کي نظر انداز پئي ڪري،سنڌ ۾ بل ادا ڪندڙ جي به بجلي ڪاٽي پئي وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي گهرو وزارت پاران 94 مدرسن خلاف ڪارروائي لاءِ سنڌ اپيڪس ڪميٽي جون سفارشون نظر انداز ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، وڏي وزير حيسڪو ۽ سيپڪو کي به خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به سرڪاري آفيس جي بجلي ڪاٽي وئي …

Read More »

ميرپور خاص: سڃاڻپ ڪارڊن جو پراڻو رڪارڊ ساڙڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، نادار سميت لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري

  مير پور خاص: ميرپور خاص جي رهواسي ڪانچي پاران نادرا وٽ موجود سڃاڻپ ڪارڊ ساڙڻ واري فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، درخواست گذار موجب ان فيصلي سان سنڌ جا 30 لک ماڻهو مردم شماري کان رهجي ويندا، عدلت نادرا، وفاقي …

Read More »

باقراڻي: نيب ٽيم جو ٻئي ڏينهن به ٽي ايم اي آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ جي جاچ پڙتال، جمعي تي ٻيهر رڪارڊ جاچيو ويندو: نيب عملدار

باقراڻي: نيب سکر جي ٽيم ترقياتي اسڪيمن جي جاچ لاءِ ٻئي ڏينهن به ٽي ايم اي آفيس باقراڻي پهتي، 2010 کان 2016 تائين ٿيل ترقياتي اسڪيمن جي آن اسپاٽ انڪوائري شروع ڪئي وئي، ٽائون چيئرمين توڙي ٽائون آفيسر ٻئي ڏينهن به غائب رهيا.خبر موجب؛ ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب سکر امداد حسين پليجو …

Read More »

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران رينجرز جي اختيارن ۾ 3 مهينن جي واڌ جو اصولي فيصلو، پوليسنگ جا اختيارن ملندا

ڪراچي: سنڌ حڪومت اصولي طور تي فيصلو ڪري ورتو آهي ته رينجرز جي مدي ۾ 3 مهينن جي واڌ ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب رينجرز کي پوليسنگ وارا اختيار نه ڏنا ويا ۽ رينجرز کي ڪراچي شهر کانسواءِ صوبي جي ٻين شهرن ۽ علائقن ۾ …

Read More »

ڪراچي: لينڊيوٽيلائيزيشن کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڦل خلاف احتساب عدالت ۾ فرد جرم لاڳو

ڪراچي: ڪراچي جي احتساب عدالت سرڪاري زمين تي قبضو ڪري وڪرو ڪرڻ واري ڪيس ۾ لينڊ يوٽيلائزيشن جي اڳوڻي سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڦل ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو،نيب چيو آهي ته جوابدارن ڳوٺ آباد اسڪيم جي نالي تي 43 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري جعلي دستاويز …

Read More »

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کان ايس پي ايس سي جي ميمبرن جي غيرقانوني مقرري بابت جواب طلب

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ چيئرمين ۽ ميمبرز جي غير قانوني مقررين واري ڪيس ۾ لکت ۾ امتحان پاس ڪندڙ 664 اميدوارن کان ٻيهر انٽرويو وٺڻ بابت سنڌ سرڪار کان جواب طلب ڪري ورتو، جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ چيو آهي ته امتحانن ۾ شفافيت …

Read More »

گهوٽڪي: پوليس جو مختلف علائقن ۾ ڪارروايون،3 ڏوهاري مارجي ويا، ڪيترائي گرفتار

گهوٽڪي: گهوٽڪي مان اسڪولي ٻار کڻي ويندڙ ڪوسٽر خانڳڙهه ويجهو ڪار سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 27 شاگردن سميت 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا، وي آءِ پي موومينٽ سبب زخمي شاگردن کي اسپتال پهچائڻ وارو آپريشن متاثر ٿيو، ايس ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش چيو آهي ته وڏي وزير جي …

Read More »

لاڙڪاڻو: نوجوان جي قتل جو جوابدار گرفتار، عدالت ۾ پيش، جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ نوجوان علي حيدر جي مبينا قتل ڪيس ۾ دڙي ٿاڻي جي پوليس جوابدار جهانزيب منگي جي گرفتاري ظاهر ڪندي کيس جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪري سندس ستن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو آهي. لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي پوليس نيٺ نوجوان علي حيدر جي مبينا …

Read More »

پنوعاقل: غيرقانوني اڏاوتن خلاف آپريشن، انتظاميا ۽ رهواسين ۾ چڪريون

پنوعاقل: پنو عاقل ۾ حد دخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن دوران پوليس ڳوٺاڻن تي وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن ۾ ٻه عورتون بيهوش ٿي ويون، انتظاميا ڪيترائي گهر ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏيا. پني عاقل ۾ حد دخلين خلاف آپريشن دوران پوليس ڳوٺاڻن جو موقف ٻڌڻ بدران مٿن ڪڙڪي پئي ۽ لٺبازي شروع …

Read More »