Tuesday , May 21 2024

سنڌ

سڪرنڊ: شهباز مائينر جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا، پاڻي اوور تاپ ڪري گهرن ۾ داخل ٿي ويو

سڪرنڊ: شهباز مائنر اوورٽاپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، شهرين جو چوڻ آهي ته پنجن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ سبب شاخ اوورٽاپ ٿي. شهر مان گذرندڙ شاخ شهباز مائنر اوور ٽاپ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اصغر ڪالونيءَ جي ڪيترن ئي …

Read More »

ڪراچي: سنڌ واسي گٽرن جي گندي پاڻي مليل هجڻ وارو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪرڻ باوجود خبر ناهي ته اهي جيئرا ڪيئن آهن: جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙو

 لاڙڪاڻو ڪراچي: عدالتي ڪميشن پاران سنڌ جي رهواسين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ماڻهو گٽرن جي گندي پاڻي مليل هجڻ وارو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪرڻ باوجود خبر ناهي ته اهي جيئرا ڪيئن آهن: جسٽس اقبال احمد سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي …

Read More »

ڪراچي: پنجاب ۾ بهتر حڪمراني جي دعوائن جي پت وائکي ٿي وئي آهي، ريلوي ڦاٽڪ لڳائڻ صوبن نه پر وفاق جي ذميواري آهي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي: صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پنجاب ۾ بهتر حڪمراني جون دعوائون ڪوڙيون ثابت ٿي ويون، ريلوي ڦاٽڪ لڳائڻ صوبن نه پر وفاق جي ذميواري آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته، وفاقي وزير پنهنجي نااهلي تسليم ڪرڻ بدران پيپلز پارٽي جي اڳوڻي …

Read More »

امداد پتافي سنڌ اسميبليءَ جي ايوان ۾ نصرت سحر عباسي کي پوتي پارائي ڀيڻ ڪري معافي وٺي ڇڏي، نصرت سحر پتافي کي معاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي: صوبائي وزير امداد پتافي فنڪشنل ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي کي رئو پارائي معافي گهري ورتي، امداد پتافي نصرت سحر کي منٿ ڪندي چيو ته خدا جي واسطي معاف ڪيو،آئنده اهڙي غلطي نه ڪندس، نصرت سحر عباسي چيو ته امداد پتافي سنڌ جي روايت مطابق رئو پارائي …

Read More »

ڪراچي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿي ويو آهي، نصرت سحر عباسي پاڻ گڏ پيٽرو کڻي پهچي وئي

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ جاري آهي، امداد پتافي ۽ نصرت سحر واري معاملي تي اڄ وڏي لڙ بکيڙي جو امڪان آهي، جڏهن ته نصرت سحر عباسي پاڻ سان گڏ پيٽرول کڻي اسيمبلي پهتي، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن کيس انصاف …

Read More »

، نصرت سحر پيٽرول کڻي اسيمبلي پهچي وئي، پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، لڙ بکيڙي جو امڪان

ڪراچي: سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ نصرت سحر عباسي، تيمور ٽالپر ۽ امداد پتافي واري معاملي تي وڏي لڙ بکيڙي جو امڪان آهي. نصرت سحر عباسي پاڻ سان گڏ پيٽرول کني اسيمبلي پهچي وئي آهي،سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن امداد پتافي جي ايم پي اي …

Read More »

سکر: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ استادن جي ڀرتين لاءِ ورتل ٽيسٽ جي سوالي پيپر ۾ غلطين جو انڪشاف

سکر: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ استادن جي ڀرتي لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ غلطين جو انڪشاف ٿيو آهي، پروفيسرن ڊاڪٽر غلام سرور ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ورتل ٽيسٽ کي رد ڪري سٺي ساک رکندڙ اداري کان ٻيهر ٽيسٽ ڪرائي وڃي. پروفيسرن ڊاڪٽر غلام سرور ، امير علي چانڊيو، …

Read More »

سيوهڻ: چوڌري نثار ناڪام ترين گهرو وزير آهي: مراد علي شاهه

سيوهڻ: سنڌ جَي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چوڌري نثار کي ناڪام گهرو وزير قرار ڏيندي چيو آهي ته چوڌري نثار، نواز شريف جو به خيرخواهه ناهي، پاناماليڪس ڪيس عدالت ۾ آهي ۽ عدالت ئي ان جو فيصلو ڪندي. سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ ننگر خان بروهي ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي وڏي …

Read More »

نصرت سحر عباسي سان بدسلوڪي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، معافي وٺڻ جو مطالبو

ڪراچي: فنڪشنل ايم پي اي نصرت سحر عباسي سان صوبائي وزير امداد پتافي ۽ ايم پي اي تيمور ٽالپر پاران نصرت سحر سان بدسلوڪي ڪرڻ خلاف ڪراچي، شهداد ڪوٽ ۽ کپرو ۾ فنڪشنل ليگ ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن. ڪراچي پريس ڪلب آڏو فنڪشنل ليگ سان …

Read More »

سنڌ سرڪار کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري وارو اختيار کسجي ويو

ڪراچي: هاڻي سنڌ حڪومت چٽاڀيٽي واري اعليٰ امتحان وٺڻ واري اداري جو سربراهه ۽ ان جا ميمبر سڌو مقرر نه ڪري سگهندي. عدالتي حڪم بعد سنڌ سرڪار طرفان پبلڪ سروس ڪميشن ۾  چيئرمين ۽ ميمبرن کي سڌي ريت ڀرتي ڪرڻ وارو طريقيڪار ختم ڪري لاڳاپيل اميدوارن جي ڀرتي بااختيار سليڪشن …

Read More »