Sunday , May 19 2024

تلهار ڀرسان ڪار ڪلٽي، اُبهم نينگري سميت 6 ڄڻا اَجَل جو شڪار

تلهار ڀرسان ڪار ڪلٽي، اُبهم نينگري سميت 6 ڄڻا اَجَل جو شڪار، سڄو ڪٽنب ئي اُجڙي ويو، هڪ ڄڻو معجزاڻي نموني بچي ويو

بدين (رپورٽر سنڌسماءَچار) راڄو خاناڻي – تلهار روڊ تي تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ تازي ڄاول ٻارڙي سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، هڪ ڄڻو زخمي، زخمي محمد يوسف جو چوڻ آهي ته ڊرائيور چنگچي رڪشا کي بچائيندي ڪار ڪلٽي ٿي کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي 6 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا. راڄوخاناڻي تلھار روڊ جي اوٻاھين اسٽاپ لڳ تيز رفتار الٽو ڪار نمبر اي جي ڪيو- 347 ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، ڪار ڪلٽيون کائندي روڊ جي ڀر ۾ کڏ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتگيجي ۾ تازي ڄاول اُبهم ٻارڙي ۽ ٽن عورتن سوڌو ھڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا. حادثي سبب فوتين ۾ ھڪ تازي ڄاول ٻارڙي، شھناز زال محمد يوسف، ميران زال محمد عرس، مائزه ڌي محمد يوسف، رخسانه، ستار ولد محمد عرس شامل آھن. حادثي جو شڪار بڻيل ڪٽنب جو هڪ ڄڻو محمد يوسف چانڊيو جيڪو ڪار ھلائي رھيو ھو معجزاڻي طور بچي ويو، يوسف چانڊيو ٻڌايو ته چنگچي رڪشا کي بچائيندي ان سان ٽڪر ٿي وڃڻ ڪري ڪار کاھي ۾ ڪري پيئي ۽ واقعو پيش آيو آھي، سمورا فوتي بدين جي چانڊيه نگر جي علائقي جا رھواسي ھئا جيڪي ڊگھڙي کان بدين وڃي رھيا ھئا.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d8%ac%d9%86%d8%a7%d8%a8-%d8%a7%d8%ad%d9%85%d8%af-%d8%b9%d9%84%d9%8a-%d8%b4%d9%8a%d8%ae-%d8%b5%d8%a7%d8%ad%d8%a8-%da%86%d9%8a%d9%81-%d8%ac%d8%b3%d9%bd%d8%b3-%d8%b3%d9%86%da%8c-%d9%87%d8%a7%d8%a1/

About Asghar Azad

Check Also

“صدين کان آباد پنهنجا ڳوٺ خالي ڪيو”، ملير جي ڳوٺاڻن کي نادر شاهي حڪم

“صدين کان آباد پنهنجا ڳوٺ خالي ڪيو”، ملير جي ڳوٺاڻن کي نادر شاهي حڪم   …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *