Saturday , May 18 2024

پاڪستان

ڪنڌڪوٽ ڪوٽ ۾ قيامت صغريٰ، قبائلي تڪرار 9 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ سبزوئي، جاگيراڻي ۽ چاچڙ برادري وچ ۾ پراڻي تڪرار تان ٻيهر باهه ڀڙڪي پئي، چاچڙ برادري جي هڪ ئي ڪٽنب جا 9 گهرڀاتي قتل، سنڌ پوليس، خاص طور تي ايس ايس پي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ امجد شيخ لاچار بڻيل، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي …

Read More »

پڪاچانگ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، تعليمي ماهر ۽ معزز شخصيت استاد عابد چانگ قتل

فيض گنج  (رپورٽر  سنڌسماءَچار) پڪاچانگ شهر ۾ڏينهن ڏٺي جو وحشي جوابدار تعليمي ماهر ۽ سماجي شخصيت استاد کي قتل ڪري ڀڄي ويا، مڙهه اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو وي، جنازي نماز بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي، پوليس واقعي جي اڃا تائين جاچ شروع نه ڪري سگهي، …

Read More »

اغوا ٿيل پورهيت موهن لال بازياب، گهوٽڪي ۾ ڏوهارين جي “شر گينگ” هئڻ جو به انڪشاف

گهوٽڪي(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ٽي ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ڏهرڪي واسي پورهيت بازياب ٿي ويو، ايس ايس پي گهوٽڪي دعويٰ ڪئي آهي ته ڌاڙيل پورهيت کي ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هائ ته مقابلو ٿيو جنهن دوران پورهيت کي بازياب ڪرايو آهي، گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهارين جي ” شر گينگ …

Read More »

سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ زڪوات ۽ فطري تحت رليف پروجيڪٽ شروع

پنجاب جي لاهور، فيصل آباد، ساهيوال ۽ خانيوال ضلعن،  خيبر پختونخوا صوبي جي لڪي مروت، ٽانڪ، لوئر دير، باجوڙ ۽ ڊيرا اسماعيل خان ضلعن ۾ امداد ورهائي ويندي ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) سعودي  حڪومت پاڪستان ۾ ڪنگ سلمان رليف سينٽر (ڪي ايس آر سي )پاڪستان ۾ زڪوات ۽ فطرو پروجيڪٽ …

Read More »

عيدالفطر 14 مئي جمعي تي ٿيندي، عمران خان لاءِ خطري جي گهنٽي

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌ سماءَچار) هن عيدالفطر تي ٻه خطبا ٿيندا، خطرو وفاقي حڪومت کي آهي يا چئن صوبن مان ڪنهن حڪومت کي خطرو ٿي سگهي ٿو ۽ ڪهڙو وڏو وزير گهر ويندو؟ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هن سال عيدالفطر 14 مئي جمعي ڏينهن ٿيندي. پنهنجي …

Read More »

وفاق پاران سنڌ جي ٻهراڙي جي ڊوميسائلن تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سرڪاري ملازمن جا تفصيل طلب

ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي سنڌ دشمني چِٽِي ٿيڻ لڳي، نيب به ونگارو بڻجي ويو ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار)  وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻهراڙي جي ڊوميسائلين تي سرڪاري نوڪريون ڪندڙ سمورن ملازمن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، نيب سنڌ حڪومت کي خط …

Read More »

وفاقي حڪومت21 رمضان  يوم علي جي جلوسن تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ڪرونا وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ سبب شهادت يوم علي رضه جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هرقسم جي جلوسن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پابندي تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. نيشنل …

Read More »

وفاقي حڪومت بشير ميمڻ خلاف ڪاررواين جي شروعات ڪري ڇڏي

شهدادپور ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ايف آءِ اي اي جي اڳوڻي ڊي جي بشير ميمڻ خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون آهن، شهدادپور ۾ سندس گيهه جي فيڪٽري تي ڇاپو هڻي گيهه جا سمپلز ۽ فيڪٽري جا دستاويزن جي جاچ پڙتال. ايف آءِ اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل بشير …

Read More »

ايف اي ٽي ايف جو هڪ وڌيڪ شرط منظور، ساڍا 7 ۽ 15 هزارن جا بانڊز ختم

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ فنشانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس ( ايف اي ٽي ايف) جو هڪ وڌيڪ شرط قبول ڪري ورتو آهي، حڪومت ساڍن ستن هزار ۽ 15 هزارن وارا پرائيز بانڊز ختم ڪري ڇڏيا، نوٽفيڪشن به جاري، بانڊز تبديل ڪرائڻ لاءِ 30 جون مقرر …

Read More »

سنڌ حڪومت ڪتن پڪڙڻ لاءِ 24 ڪروڙ رپين جون گاڏيون خريد ڪندي

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڪتا پڪڙي خصي ڪرڻ لاءِ 24 ڪروڙ رپين جون  گاڏيون خريد ڪندي، سنڌ ڪابينا فنڊز جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مڪاني ادارن پاران صوبي ۾ ڪتا خصي ڪرڻ لاءِ گاڏيون خريد …

Read More »