Tuesday , May 21 2024

پاڪستان

نئون ديرو مان گم ٿيل ٻه ٻارڙا ڳولا باوجود هٿ نه آيا

لاڙڪاڻو/نئون ديرو ( رپورٽرز    سنڌسماءَچار) نئون ديرو شهر جي کهڙا پاڙي مان ٻه ٻارڙا پر اسرار نموني گم ٿي ويا آهن، گم ٿيل ڀاءُ ڀيڻ ڳولا باوجود هٿ اچي ناهن سگهيا، پوليس اڃا تائين ٻارڙن جي ڳولا لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو ٻارڙن جي گم …

Read More »

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران سنڌ اسيمبلي ۾ پراڻ شاخ جي تعريف، حقيقت ڪجهه ٻي نڪتي..!!!

جمڙائو ڪئنال – اوڀر مان نڪرندڙ پراڻ شاخ  ڪراچي ( اصغر آزاد سنڌسماءَچار)  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اسيمبلي ميمبرز کي سنڌ ۾ ٿيل ترقي بابت پروجيڪٽر تي بريفنگ ڏني، جنهن دوران هن جمڙائو ڪئنال-اوڀر مان نڪرندڙ پراڻ شاخ کي پڪو ڪرڻ واري فلم …

Read More »

سڪرنڊ ڀرسان پ پ ايم اين اي پاران روڊ ٽوڙائي پاڻي چوري،شاگرد کي مارڪٽ

سڪرنڊ(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سڪرنڊ ويجهو گهنڊيا شاخ جو پاڻي پنهنجي زمينن کي پهچائڻ لاءِ بااثر ماڻهن گهنديا جو روڊ ٽوڙي ڇڏيو، وڊيو ريڪارڊ ڪندڙ شاگرد کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، واقعي خلاف ايس ايو پي اڳواڻن احتجاج ڪيو، جنهن بعد ناصري ٿاڻي تي بااثرن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي …

Read More »

جيڪب آباد ۾ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش

جيڪب آباد( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) راڄ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب 12 پورهيت بيهوش، پورهيتن کي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرز پاران ٻن پورهيتن جي حالت ڳڻتي جوڳي قرار. چانڊڪا اسپتال ۾ علاج جاري. جيڪب آباد ڀرسان راڄ واهه جي صفائي دوران ساهه ٻوساٽجڻ …

Read More »

واٽر ڪميشن ڊي ايڇ اي کي اڏاوتون ڪرائڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) واٽر ڪميشن ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ پوري ٿيڻ تائين ڊي ايڇ اي کي هائوسنگ اسڪيم ۾  تعميراتي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ڪينٽونمينٽ بورڊ ۽ ڊي ايڇ اي ڪراچي کي پاڻي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هفتي اندر تجويزون ڏيڻ جو حڪم، واٽر ڪميشن جي سربراهه ڪراچي جي …

Read More »

پ پ ايم پي اي عابد ڀيو ۽ سندس ڀاءُ بابل ڀيو آفيسرن کي اغوا جون ڌمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف

بابل خان ڀيو  ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مير عابد ڀيو ۽ سندس ڀاءُ مير بابل خان ڀيو پاران شڪارپور ۾ مقرر سرڪاري آفيسرز کي سندن ڪم نه ڪرڻ جي صورت ۾ اغوا جون ڌمڪيون ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ورڪس اينڊ …

Read More »

ممتاز جکراڻي مونکي بي شرم ڪوٺيو، ردعمل ۾ مون جيڪو ڪيو ان تي پڇتاءُ ناهي-نصرت سحر عباسي

ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو آهي ته، صوبائي وزير ممتاز جکراڻي مونکي بي شرم ڪوٺيو، ان جي رد عمل ۾ مون جيڪو ڪجهه ڪيو انن تي ڪو به پڇتاءُ ناهي. سنڌ اسيمبلي جي گذريل اجلاس دوران ف ليگ جي ميمبر …

Read More »

لاجواب حڪومت- بيمثال کاتو؛ درسي ڪتاب 13رپيا في ڪلو؟؟

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تعليم کاتي جي لاجواب ڪارڪردگي منظر تي اچي وئي آهي. ڪورنگي ضلعي ۾ شاگردن لاءِ مليل 50 هزار درسي ڪتاب تعليم کاتي” ايماندار“ آفيسرن تور جي حساب سان ڪٻاڙي واري کي وڪرو ڪري ڇڏيا، ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪندي ڪتاب هٿ ڪري هڪ جوابدار …

Read More »

کوسڪي ۾ جوابدارن جي ناري سان مبينا ڏاڍائي، هڪ جوابدار گرفتار

بدين( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) نندو شهر ۾ ٻن جوابدارن پاران ناري کي مبينا اجتماعي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو، سندس فرياد تي پوليس  هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نندو شهر ۾ جوابدار امتياز ميمڻ ۽ عاشق شاهه ناري کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو. ناري الزام …

Read More »

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي ذميوار وفاقي سرڪار آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو ( رپورٽر     سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو ذميوار وفاقي سرڪار کي قرار ڏيندي چيو آهي ته، پاڻيءَ جي کوٽ رڳو سنڌ ۾ نه آهي، پر ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان جا ماڻهو به روئي رهيا آهن. لاڙڪاڻي ۾ افطار تقريب ۾ ڳالهائيندي …

Read More »