Friday , May 17 2024

پاڪستان

پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر پاران ايڊز بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ميڊيا کي به صلاح

لاڙڪاڻو(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي صوبائي تڪ پي ايس 10 تان ڪامياب ٿيل ايم پي اي فريال ٽالپر رتو ديرو ۽ نئوندير ۾ ايڊز جو مرض وبائي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ توڙي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به ايڊز جو مرض ظاهر ٿيڻ …

Read More »

پڪاچانگ شهر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ ٽائون ڪميٽي ۾ ڪرپشن خلاف شهري رستن تي اچي ويا

فيض گنج(رپورٽر   سنڌسماءَچار) خيرپور ضلعي جي قديمي شهر ۽ فيض گنج تعلقي جي هيڊڪوارٽر پڪانگ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ نالي ماتر ڪرايل ڪمن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ خلاف شهري ۽ سول سوسائٽي رستن تي اچي وئي آهي، ٽائون ڪميٽي جي فنڊز خلاف علامتي بک هڙتالي ڪئمپ به …

Read More »

لاڙڪاڻي ضلعي خواجاسراءَ فقيرن کي تحفظ ڏيڻ بلڊ اسڪريننگ جو فيصلو

لاڙڪاڻو(رپورٽر  سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ضلعي جي رتوديرو ۽ نئونديرو سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايڊز وبا جي صورت اختيار ڪرڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، ضلعي ۾ رهندڙ سمورن خواجا سراءَ فقيرن جي بلڊ اسڪريننگ ڪرائي ويندي، ايس ايس پي خواجاسراءَ فقيرن سان ملاقات ڪري کين تحفظ جو به يقين …

Read More »

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاران پاڪستان سان ڪيل معاهدي جي جيئن جو تيئن منظوري نه ڏيڻ جو امڪان

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد سنڌسماءَچار) عالمي مالياتي فنڊز (آءِ ايم ايف) جو بورڊ آف ڊائريڪٽرز پاڪستان سان ڪيل معاشي بيل آئوٽ پيڪيج جي جيئن جو تيئن منظوري نه ڏيندو، مختلف ادارن جي نجڪاري، ترقياتي بجيٽ گهٽائڻ ۽ قرض جي واپسي لاءِ اڳواٽ ضمانت طور ڪجهه ادارن جي سربراهن جي مقرري جا …

Read More »

پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف سان ناڻي جي وزارت جي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن کان سواءِ معاهدو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪنهن به چونڊيل عوامي نمائندي، ناڻي، ايف بي آر سميت ڪنهن به لاڳاپيل اداري جي سرڪاري عملدارن جي شموليت کانسواءِ انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ / آءِ ايم ايف سان بيل آئوٽ معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، آءِ ايم ايف جي بورڊ …

Read More »

سهراب ڳوٺ، گلشن بهار، ڪياماڙي، قائدآباد، سهراب ڳوٺ ۾ به ايڊز وائرس موجود

ڪراچي جي مڇر ڪالوني  جو هڪ منظر – سنڌسماءَچار فوٽو ڪراچي جو ال آصف اسڪوائر وارو علائقو – سنڌسماءَچار فائل فوٽو ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) ايڊز جو مرض سنڌ جي ٻين ضلعن جيان ڪراچي ۾ به موجود آهي، ذريعن  دعويٰ ڪئي آهي ته صحت کاتي جي ڪجهه ذميوارن کي ان …

Read More »

زال، سَسُ ۽ پٽ جو قاتل گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، مختلف بهانا ڪرڻ لڳو

خيرپور (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) خيرپور شهر ۾ نينگر، سندس ماءَ ۽ ناني جي قتل واري سانحي جو ڊراپ سين ٿي ويو آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ڏوهه به مڃي ورتو آهي. خيرپور ڪجهه ڏينهن اڳ نينگر سندس ماءَ ۽ ناني جي قتل واري واقعي جي جاچ بعد پوليس …

Read More »

”هاڻي مڙس کي نه مارينديس، چئوس گڏ رهائي“: عمرڪوٽ واسي ناري جو عدالت  کي عرض

عمرڪوٽ (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) زال جي مارڪٽ کان تنگ نوجوان عدالت پهچي ويو، سندس زال عدالت کي خاطري ڪرائي ته هاڻي هوءَ مڙس کي مارڪٽ نه ڪندي، پر نوجوان زال سان ٺاهه ڪرڻ کان عدالت کي به کُتو جواب ڏئي ڇڏيو، عدالت پاران جوڙي کي معاملو سلجهائڻ لاءِ سندس زال …

Read More »

آصف زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي مالڪي قبول ڪندو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس کي پنهنجا اڪائونٽ هجڻ جي قبوليداري ڪندو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري نيب ايندڙ ٻن ٻڌڻين دوران اڪائونٽس کي سندس هجڻ جي قبوليداري ڪندو. آصف زرداري خلاف هلندڙ جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري اسڪينڊل بابت سنڌسماءَچار کي …

Read More »

ايڊز سنڌ ۾ وبائي صورت اختيار ڪري ورتي، مريضن جو انگ 355 کان وڌي ويو

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ايڊز جي ايڇ آءِ وي پازيٽو وائرس تيزي سان ظاهر ٿي رهيو آهي، لاڙڪاڻي ضلعي جي رتوديرو ۽ نئون ديرو تعلقن ۾ وڌيڪ 17 ڄڻن کي ايڇ آءِ  وي پازيٽو هجڻ جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ وڌي 355 ٿي ويو آهي. …

Read More »