Wednesday , May 15 2024

Asghar Azad

پوليس جون سڄي سنڌ ۾ ڪارروايون، 20 افغاني سوگها،خيرپور مان مبينا دهشتگرد گرفتار

سنڌ جي مختلف شهرن ۾پوليس غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪندي 20 کان وڌيڪ افغانين کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيا آهن. حيدرآباد پوليس لطيف آباد ۽ سائيٽ واري علائقي ۾ مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪري پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهڻ جي الزام هيٺ 15 افغان شهرين …

Read More »

ايندڙ چونڊن ۾ آصف زرداري بنا مقابلي کٽڻ جا خواب ڏسڻ ڇڏي : راشد محمود سومرو

آصف زرداري ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ مان بنا مقابلي کٽڻ جا خواب ڏسي رهيو، جنهن ۾ کيس ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولان راشد محمود سومرو چيو آهي ته، ڀوتارن جي پ پ ۾ وڃڻ سان سنڌ جو سياسي منظر نامون تبديل ٿيڻ …

Read More »

پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري والد آصف زرداري جي قدم تي، سوال هڪڙو، جواب جو منهن نه ســِـــرُ

  پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد آصف علي زرداري جي نقش قدم تي هلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ٽنڊو محمد خان ۾ جهرڪ-ملاڪاتيار پل جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهين دوران هڪ صحافي جي سوال اهڙو گول ڪري ويو جو سوال ڪندڙ رپورٽر به …

Read More »

مٽياري کان لاهور ٽرانسميشن لائين وارو ميگا پروجيڪٽ رولڙي جي ور چڙهي ويو…!!

مٽياري کان لاهور ٽرانسميشن لائين وارو ميگا پروجيڪٽ ابتدائي مرحلي ۾ ئي رولڙي ۽ بدانتظامي جي ور چڙهي ويو آهي، مٽياري  کان لاهور تائين ٽرانسميشن لائين وڇائڻ واري منصوبي لاءِ گهربل 2 سئو ايڪڙ زمين جي خريداري وارو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو، گهربل زمين جي خريداري جي مد ۾ …

Read More »

ماضي ٻڌائي ٿي ته شريف خاندان خلاف ڪو به عدالتي فيصلو ناهي آيو: بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، ماضي کي نظر ۾ رکندي پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ ڪا وڏي اميد نه آهي، ان باوجود به اميد ڪيون ٿان ته پاناما ڪيس ۾ عدالت انصاف ڀرو فيصلو ڪندي. ٽنڊومحمد خان ۾ سنڌو درياءَ تي سر آغا خان …

Read More »

آصف زرداري جي اختيارن کي سندس ڌيئرن چئلينج ڪيو..!!

سينيٽر سعيد غني چيو آهي ته مروت جي پ پ ۾ شموليت ۾ هُو رڪاوٽ ناهي بڻيو سندس الزام اجايا آهن. اڳوڻي ايم پي اي عرفان الله مروت شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻين جي تنقيد کانپوءِ يو ٽرن وٺي ڇڏيو ۽ پ پ ۾ شموليت ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي …

Read More »

سنڌ پوليس جي قانون ۾ ترميم ڪيو، سنڌ اسيمبلي ۾ ترميمي بل جمع

پاڪستان تحريڪ انصاف پاران سنڌ پوليس جي 1861 واري ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ خانگي بل جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ جمع ڪرايل بل ۾ چيو ويو آهي ته، سنڌ پوليس جو قانون ڏيڍ سئوسال پراڻو آهي، جيڪو جديد دور جون ضرورتون پوريون نه ٿو ڪري، عوام کي به …

Read More »

عظيم شوا ۽ ماها شو راتڙي جو ڏڻ – يوسف جوکيو

ٽمورتي واري هندو عقيدي آڌار شــِوِ مهاراج يا عظيم شوا اهو ٽيون ديوتا آهي، جنهن جو ڪم وناش يعني تباهه ڪرڻ آهي. ٽڪنڊي جا باقي ٻه ديوتا برهما ۽ وشنو آهن. برهما جو ڪم تخليق ڪرڻ ۽ وشنو جو ڪم ان کي برقرار رکڻ آهي. ڪائنات ۾ جڏهن برايون ۽ …

Read More »

آصف زرداري منهنجو سياسي مرشد آهي: مولابخش چانڊيو

 پ پ اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو آهي ته رَدُالنثار ٿئي ها ته آپريشن رَدُ الفساد شروع ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها، ننڍن صوبن جي ڪير ٻڌڻ وارو نه آهي، ڪراچي ۾ پوليس، رينجرز ۽ عوام جي قربانين سان امن قائم ٿيو آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش …

Read More »

آپريشن ردالفساد جاري، سنڌ سميت ملڪ مان شڪي، دهشتگرد ۽ ڏوهارين سميت 450 گرفتار

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ آپريشن ردالفساد تحت افغانين ۽ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويوآهي، جنهن دوران وڌيڪ 450 کان مٿي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن، تفصيل موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪالهه به شڪي …

Read More »