Sunday , May 19 2024

آءِ جي سنڌ بدلي فيصلو: عدالت پوليس ايڪٽ 1861ع کي لاڳو ڪرڻ بابت قانون سازي کي جائز قرار ڏنو:ڪرامت علي/فيصل صديقي

Karamat & faisal

غير سرڪاري سماجي تنظيم جي اڳواڻ ڪرامت علي ۽ سندس وڪيل فيصل صديقي چيو آهي ته، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جي بدلي خلاف سندن درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي ٻڌايل فيصلي ۾، وليس ايڪٽ 1861ع کي لاڳو ڪرڻ بابت قانون سازي کي جائز قرار ڏنو  آهي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي، سنڌ اسيمبلي پاران پوليس آرڊر 2002ع ۾ ترميم ڪري 1861ع واري پوليس نظام کي بحال ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندڙ پائلر جي ڊائريڪٽر ڪرامت علي جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته، سنڌ هاءِ ڪورٽ جيتوڻيڪ پنهنجي فيصلي ۾ پوليس ايڪٽ 1861ع کي لاڳو ڪرڻ بابت سنڌ اسيمبلي جي قانون سازي وارن اختيارن کي جائز قرار ڏنو آهي پر عدالت پوليس ۾ وڏي پئماني تي سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن چيو ته شهرين جي جان، مال ۽ عزت بنيادي حقن ۾ شمار آهن ۽  پوليس جو بنيادي حقن جي تحفظ ۽ فراهمي ۾ اهم ڪردار آهي جنهنڪري پوليس ۾ سڌارا آندا وڃن. هن چيو ته آءِ جي جو پوليس ۾ مرڪزي ڪردار هوندو آهي جيڪو فورس جو ڪمانڊر آهي جنهنڪري ان کي اختيار ملڻ تائين پوليس ۾ سڌارا ممڪن ناهن جنهنڪري عدالت آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي مڪمل اختيارن سان بحال رکي ڇڏيو آهي ۽ کيس هٽائڻ بابت 31 مارچ تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته عدالت پوليس ۾ سڌارن بابت وک وڌائي آهي پر اڃان گهڻا قدم کڻڻ لازمي آهن. پوليس ۾ سڌارن لاءِ آءِ جي کي خودمختيار ۽ آزاد هجڻ لازمي آهي. پوليس ۾ صوبائي حڪومت يا ان جي ڪنهن اداري پاران مداخلت جي ڪا  گنجائش ناهي جنهنڪري عدالت پنهنجي فيصلي ۾ پوليس ۾ مداخلت ختم ڪرڻ لاءِ چيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

“صدين کان آباد پنهنجا ڳوٺ خالي ڪيو”، ملير جي ڳوٺاڻن کي نادر شاهي حڪم

“صدين کان آباد پنهنجا ڳوٺ خالي ڪيو”، ملير جي ڳوٺاڻن کي نادر شاهي حڪم   …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *