Monday , June 16 2025
Breaking News

هوسڙي ۾ 5 سالن جي ٻارڙي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ايس ايس پي حيدر آباد خاموش

حيدر آباد (رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) ھوسڙي ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل پنجن ورهين جي ٻارڙِي عظميٰ ڪليري واري واقعي ۾ 25 ڏينھن گذرڻ باوجود وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي، سياسي سماجي ڌرين پاران ساڻن همدردي جو سلسلو جاري آهي. ايس ايس پي پير محمد شاهه خاموش تماشائي بڻيل.وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ٿي وٺي. زيادتي بعد قتل ڪيل پنجن ورهين جي معصوم ٻارڙِي عظميٰ ڪليري واري ڪيس ۾ 25 ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي آهي ۽ نه ئي وارثن کي انصاف ملي سگهيو آهي.

 سنڌ نيشنل ناري تحريڪ جي صدر ڊاڪٽر عظميٰ جوکيو ساٿين سان گڏ مقتول ٻارڙي جي گهر پهچي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته حيدرآباد پوليس 25 ڏينھن گذرڻ باوجود قاتل گرفتار ڪرڻ ته ٺھيو پر قتل ڪيس جا سبب به معلوم نه ڪري سگھي آھي.ھنن چيو عظميٰ ڪليري جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو ۽ سندس ڪٽنب جي مالي سهائتا به ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

ٽنڊوالهيار ۾ پيٽرول پمپس خلاف انتظاميا پاران ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ٽڻڊوالهيار(رپورٽ: سجاد حسين   سنڌسماءَچار) ٽنڊو الهيار ضلعي اندر پيٽرول پمپ مالڪن پاران  پيٽرول جا وڌيڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *