Sunday , June 15 2025
Breaking News

قاضي احمد پوليس جي تشدد ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي لهر نه ڪو لوڏو، وارثن جو احتجاج

نوابشاهه( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) قاضي احمد پوليس جي تشدد ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف آءِ جي سنڌ اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، بيگناهه مارجي ويل نوجوان جي واارث انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.  قاضي احمد پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل سجاد جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ شاگردن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وارثن رضا جوکيو، ذڪرالله جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيو ته قاضي احمد پوليس جي ايس ايڇ او ۽ سندن ٽيم نوجوان کي بيگناهه کنڀي قتل ڪيو آهي، جنهن جو ڪيس داخل هئڻ باوجود جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. هنن اعليٰ اختيارين مطالبو ڪيو ته سجاد جوکيو جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو  ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

ٽنڊوالهيار ۾ پيٽرول پمپس خلاف انتظاميا پاران ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ٽڻڊوالهيار(رپورٽ: سجاد حسين   سنڌسماءَچار) ٽنڊو الهيار ضلعي اندر پيٽرول پمپ مالڪن پاران  پيٽرول جا وڌيڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *