Friday , April 25 2025

ڪارونجهر ڪٽائي معاملو؛ ارباب لطف، سريندر ولاسائي ۽ ڊي سي ٿر ڪنهن جي چوڻ تي خط لکيا؟

ڪراچي ( رپورٽر: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ نيلامي جون اشتهار جاري ڪرڻ خلاف سنڌ جي سڄاڻ ڌرين جي سخت احتجاج ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي سخت احتجاج کانپوءِ احتجاج ۽ ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ پ پ پاران رٿابندي تحت تي عمل ڪرڻ لڳي، پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايتن تي سندس خاص معاونن ارباب لطف الله، سريندر ولاسائي ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کان ڪارونجهر جي نيلامي وارو اشتهار واپس وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ مطابق وڏي وزير مراد علي شاهه، پارٽي قيادت جي هدايت تي ٿر سان لاڳاپيل انتظامي عملدار ۽ پارٽي اڳواڻن کان ڪارونجهر جي نيلامي وارو اشتهار واپس وٺڻ لاءِ لکيو وڃي. ذريعن جي دعويٰ موجب ڪارونجهر جي نيلامي واري معاملي تي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاران سخت مخالفت ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي هلندڙ مهم کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ارباب لطف الله، سريندر ولاسائي، ڊي سي ٿرپارڪر کان خط لکرائي سنڌ جي ماڻهن جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ خط لکرايا ويا آهن. ذريعن موجب امڪان اهو به آهي ته هن معاملي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن ملتوي به ڪري سگهجي ٿو.ڪارونجهر جي ڪٽائي واري اشتهار تي احتجاج کنپوءِ سنڌ حڪومت ڪارونجهر /ننگرپارڪر ۾ عوامي ڪچهري رکڻ جو به مقصد اهو ئي آهي ته جيئن ماڻهن کي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪري ۽ ورهائي سگهجي.

About admin

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *