Friday , April 25 2025

سي ايم هائوس جي ترجمان جي تبليغي جماعت بابت هڪ پڌرائي؛ سنڌ ۾ ڏهڪاءُ پکيڙي ڇڏيو

سي ايم هائوس جي ترجمان جي تبليغي جماعت رائيونڊ ويل 4500 ماڻهن کي 4 لک 50 هزار بڻائي ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان پاران، وڏي وزير مراد علي شاهه جي حوالي سان تبليغي جماعت جي حوالي سان هڪ بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته، “سنڌ مان 4 لک 50 هزار ماڻهو تبليغي اجتماع تي رائيونڊ ويا هئا، جيڪي واپس  آيا آهن، حيدر آباد جي تبليغي مرڪز ۾ جڏهن اهي ماڻهو واپس آيا ته انهن ۾ وڏي پئماني تي ڪرونا وائرس مبتلا هئا” سي ايم هائوس جي ترجمان پاران اهڙو بيان ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد سڄي سنڌ ۾  ڊڄ ۽ پريشاني وارو ماحول پکيڙي ڇڏيو. سي ايم هائوس جي ترجمان پاران وڏي وزر مراد علي شاهه جي اهڙي بيان جي ميڊيا تي اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي به مختلف قسمن جا افواهه پکڙجڻ لڳا. جاري ڪيل بيان کانپوءِ ٻيهر سي ايم هائوس جي ترجمان هڪ وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ انگ 4 هزار 500 ڏيکاريو ويو،، ٻيهر جاري ڪيل ان وضاحتي بيان ۾ ڪٿي به ايڏي وڏي لاپروواهي جي معذرت نه ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *