ماتلي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ارڙي جي مرض جا راڱا جاري آهن، صحت کاتو اڃا تائين اگهور ننڊ مان جاڳي ناهي سگهيو. ماتلي ۾ ارڙي وگهي 2 ڀينرون فوت ٿي ويون آهن، جڏهن ته ارڙي جي موذي مرض ۾ مبتلا وڌيڪ ڪيترن ئي ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. شهر جي ڍڪ پاڙي جي رهواسي ٻه ڀينرون 5 ورهين جي عابده ۽ 2 ورهين جي جويريا خاصخيلي ارڙي وگهي فوت ٿي ويون، جڏهن ته ٻن ٻارن شيراز علي ۽ حليمان کي ڳڻتي جوڳي حالت به اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.هنن چيو ته ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا آهن، پر صحت کاتي پاران ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرز جون ٽيمون متاثر ڳوٺن ۾ موڪليون وڃن، جيئن ارڙي جي بيماري تي ضابطو اچي سگهي.
Check Also
ٽنڊوالهيار ۾ پيٽرول پمپس خلاف انتظاميا پاران ڪريڪ ڊائون جو فيصلو
ٽڻڊوالهيار(رپورٽ: سجاد حسين سنڌسماءَچار) ٽنڊو الهيار ضلعي اندر پيٽرول پمپ مالڪن پاران پيٽرول جا وڌيڪ …