Monday , June 16 2025
Breaking News

مهراڻ يونيورسٽي ۾ واٽرڪلرس ڪانفرنس،60 ملڪن جي آرٽسٽن جي تصويرن جي نمائش

حيدر آباد(سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) مهراڻ يونيورسٽي  جي سينٽر آف ايڪسيلنس آرٽس اينڊ ڊزائن ۾ ٻي عالمي واٽر ڪلر ڪانفرنس جاري آهي،جنهن ۾ دنيا جي 60  ملڪن جي آرٽسٽن جون پينٽنگز نمائش ۾ رکيون  ويون آهن،جڏهن ته امريڪا،برازيل، بلغاريا، چين، هانگ ڪانگ سميت دنيا جي مختلف ملڪن جا آرٽسٽ  نمائش ۾ موجود آهن. ڄامشوري ۾ شروع ٿيل ٻي عالمي واٽر ڪلر ڪانفرنس جو افتتاح مهراڻ يونيورسٽي جي وائس چانسلر محمد اسلم عقيلي،ڊين ڊاڪٽر خان محمد بروهي ۽ ڀائي خان شر ڪيو. ڪانفرنس ۾ دنيا جي 60  ملڪن جي آرٽسٽن جون پينٽگز نمائش ۾ رکيون ويون آهن. جڏهن ته آمريڪا، برازيل،بلغاريا، چين، هانگ ڪانگ، عراق، پرتگال، روس، ترڪي،رومانيا ۽ پاڪستان جا آرٽسٽ نمائش ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.

نمائش جي شروعات ثقافتي رنگن ۽ موسيقي جي خوبصورت ساز ن سان ڪئي وئي. ان موقعي تي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن نمائش ڏٺي. ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ نمائش ۾ سمورا آرٽسٽ 50 ميٽرن کان ڊگهي پينٽنگ ٺاهي انوکي تاريخ  جوڙيندا.

About Asghar Azad

Check Also

ٽنڊوالهيار ۾ پيٽرول پمپس خلاف انتظاميا پاران ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ٽڻڊوالهيار(رپورٽ: سجاد حسين   سنڌسماءَچار) ٽنڊو الهيار ضلعي اندر پيٽرول پمپ مالڪن پاران  پيٽرول جا وڌيڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *