Friday , April 25 2025

شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم، سنگهار ملڪ چيئرمين مقرر

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سکر ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ڪيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل جي جاچ لاءِ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي آءِ ٽي جو سربراهه مقرر. سنڌ حڪومت شهيد جان محمد مهر جي وارثن، صحافين جي تنظيمن ۽ صحافي برادري جي مطالبي تي سنڌ حڪومت  جان محمد  مهر جي قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ واري مطالبي تي جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، گهرو کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، رينجرز، ايف آءِ اي، جا نمائندا شامل هوندا، جي آءِ ٽي ڪيس جي حوالي سان ڪنهن به وزارت، کاتي يا ڪنهن ٻئي اداري يا شخصيت کان معلومات وٺي سگهندي. جي آءِ ٽي 30 ڏينهن ۾ شهيد جان محمد مهر جي قتل جي جاچ ڪري رپورٽ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪندي.

About admin

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *