Sunday , June 15 2025
Breaking News

نواز شريف جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ ٿو چاهي:بلاول ڀٽو زرداري جي دعويٰ

راجا خان مهر   ۽   بلاول ڀٽو زرداري

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو (رپورٽر سنڌسماءَچار)بلاول چيو آهي ته نوازشريف جمهوري نظام کي پٽڙيءَ تان لاهڻ چاهي ٿو، پر اهڙيون ڪوششون ناڪام ٿي وينديون، ميرپور ماٿيلو ۾ ڳالهائيندي بلاول چيو ته نوازشريف نه بچيو ته سندس سياست به نه بچندي، عمران خان يـُو ٽرن جي سياست ڪندو آهي، بلاول ڄام اڪرام الله ڌاريجو سان ملاقات بعد ميرپور ماٿيلو ۾ عبدالباري پتافي سان ملاقات ڪئي، گهوٽڪي ۾ راجا خان مهر طرفان بلاول کي ڏنل دعوت ۾ علي گوهر مهر، علي محمد مهر ۽ محمد بخش مهر شريڪ نه ٿيا.  ميرپور ماٿيلو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نوازشريف چاهي ٿو ته ڪجهه به ٿي وڃي پر هوبچي وڃي. پ پ چيئرمين  چيو ته ميان صاحب کي اگر سزا ملي ته سندس پارٽي به نه بچندي. عمران خان منافقت ۽ يـُو ٽرن جي سياست ڪندو آهي. عمران خان پنهنجي اردرگرد ڏسي ته ڪرپشن الزامن هيٺ هٽايل وزيراعليٰ به سنڌ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سياست ڪري رهيو آهي. بلاول چيو ته متحده وارن کي ڪراچي جي عوام جي ڪابه پرواهه نه آهي، هو پاڻ ۾ وڙهڻ ۾ رڌل آهن. سندس چوڻ  هو ته پ پ ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽي سان اتحاد نه ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *