Friday , April 25 2025

سنڌ ٽيڪنيڪل ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ۾ غيرقانوني ڀرتين وارو ڪيس

NAB

نيب سنڌ پاران سنڌ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ۾ غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ واري ،معاملي جو ريفرينس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. نيب سنڌ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ۾ غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ بابت ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حفيظ الله عباسي سميت ٻين عملدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

سنڌ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر حفيظ الله عباسي ۽ ٻين تي الزام آهي ته انهن 2012 دوران اٿارٽي ۾ مختلف گريڊس لاءِ ملازمن جو ڀرتيون رشوت عيوض غيرقانوني طريقي سان ڪري سرڪاري خزاني کي گهاٽو پهچايو.

سنڌ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ڪرپش ڪيس جو مک جوابدار تڏهوڪو ايم ڊي حفيظ الله عباسي گرفتار آهي، جڏهن ته ٻيا نامزد جوابدار ضمانتن تي آزاد آهن.

نيب احتساب عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن خلاف شاهديون ملڻ کان پوءِ جاچ  شروع ڪئي وئي هئي، جنهن بعد ريفرنس داخل ڪرايو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *