Monday , June 16 2025
Breaking News

راشد محمود سومرو اين اي 200 تي ٻيهر ڳڻپ لاءِ اليڪشن ڪميشن پهچي ويو

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي  قومي اسيمبلي جي هارايل ايم ايم اي اميدوار راشد محمود سومري چونڊن نتيجن خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. راشد محمود سومري ڊي آر او ۽ آر او کانپوءِ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي. ايم ايم اي اميدوار راشد محمود سومري پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته چونڊن واري ڏينهن پولنگ وارو عمل ختم ٿيڻ بعد 25 ڪلاڪن تائين منهنجي تڪ جو نتيجو روڪيو ويو ۽ سخت احتجاج بعد اهو نتيجو پڌرو ڪيو ويو، جنهن ڪري ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي وڃي. لاڙڪاڻي جي اين اي 200 تي راشد محمود سومري جو مقابلو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان هو، جنهن جي نتيجن موجب بلاول ڀٽو زرداري 90 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا هئا، جڏهن ته راشد محمود سومري کي 50 هزار کان وڌيڪ ووٽ مليا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *