Friday , April 25 2025

تازو ڀرتي ڪيل استادن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو، هزارين استاد ذهني دٻاءَ جوشڪار

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي     سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت تازو ڀرتي ڪيل سمورن استان جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو، مبهم نوٽيفڪيشن به جاري. سنڌ جي تعليم کاتي اسڪول ايجوڪيشن تازو ڀرتي ڪيل استادن جي سموري عمل کي مڪمل طور روڪي ڇڏيو. تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري پاران 16 آگسٽ خميس ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جيڪو17 آگسٽ رات جو دير سان منظر تي آيل نوٽيفڪيشن نمبر؛

  NO (S-I) SE&LD/MISC/ HSC (1564) 2023

۾ صرف هڪ سٽ ۾ چيو ويو آهي ته؛

”سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ڀرتين جو سمورو عمل ايندڙ حڪمن تائين منجمند/ روڪيو ويو آهي”.

تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري ان ليٽر ۾ وڌيڪ ڪجهه به ناهي ڄاڻايو ته، اساتادن جي ڀرتين جو عمل ڇو ۽ ڇاجي لاءِ روڪيو ويو آهي. ڪهڙي تاريخ کان ڪهڙي تاريخ تائين استادن جون ڪيل ڀرتيون يا ٿيندڙ ڀرتيون ايندڙ حڪمن تائين روڪيون وڃن ٿيون.

تعليم کاتي پاران جاري ڪيل اهڙي نوٽيفڪيشن کانپوءِ تازو ڀرتي ٿيل سمورا استاد پريشاني ۽ ذهني دٻاءَ جو  شڪار ٿي ويا آهن.

About admin

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *