ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ اڻسڃاتل هٿياربند وري ڪَرُ کڻڻ لڳا، اورنگي ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا. ڪراچي اورنگي واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي موت جو کاڄ بڻائي ڀڄي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ شفقت ۽ عبدالرحمان جي نالن سان ٿي وئي آهي، لاش کڻائي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا آهن. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جلد حقيقتون معلوم ٿي وينديون ۽ جوابدارن کي پڪڙينداسين.
Check Also
سنڌ حڪومت، اسماعيل ڏاهري کي امڙ جي لاڏاڻي تي پي-رول تي آزاد نه ڪيو
نواب شاهه / لاڙڪاڻو ( خاص نمائندا سنڌسماءَچار) مختلف مبينا ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار اڳوڻي …