Sunday , April 28 2024

دعوت اسلامي جا ڪارڪن پ پ جي اڄوڪي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا: پ پ ذريعا

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي پران ڪراچي جي سينٽرل ضلعي واري علائقي ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪندي، جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته جلسي ۾ دعوت اسلامي جا ڪارڪن ڀرپور نموني شريڪ ٿيندا. ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي هڪ ذميوار نالو نه لکڻ جي شرط تي، سنڌ سماءَ چار کي ٻڌايو آهي ته، ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ جلسي جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ ان کي ڪاميان ڪرائڻ لاءِ جڏهن راشد رباني، وقار مهدي کان ماڻهن جي شرڪت بابت پڇيو ويو ته انهن چيو، ماڻهو ملير، لياري، ڪياماڙي مان آندا ويندا. پ پ اڳواڻ دعويٰ ڪئي ته راشد رباني، سعيد غني ۽ وقار مهدي جلسي کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ماڻهن جي شرڪت ڪرائڻ واري معاملي مان ذري گهٽ هٿ ڪڍي ويا هئا. هن ٻڌايو ته جلسي جي ڪاميابي لاءِ پارٽي جي هڪ اڳواڻ دعوت اسلامي جي اڳواڻن سان رابطو ڪيو، جنهن ٽرانسپورٽ جي سهولت مهيا ڪري ڏيڻ تي ملير، کوکرا پار، سهراب ڳوٺ ۽ کارادر مان پنهنجي ماڻهن کي جلسي ۾ موڪلڻ جي حامي ڀري آهي. هن چيو ته دعوت اسلامي جا ڪارڪن جلسي ۾ شريڪ ٿيندا.

ياد رهي ته سنڌ حڪومت دعوت اسلامي کي ڏيڍ سئو ايڪڙ زمين الاٽ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون به تيز ڪري ڇڏيون آهن، ممڪن آهي ته رمضان مهيني کان اڳ ۾ ئي اهو معاملوحل ٿي وڃي.

لاڳاپيل خبر

بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ سرڪار پاران دعوت اسلامي لاءِ 150 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جو فيصلو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *