Tuesday , May 13 2025

سترهين کان 19 گريڊ جا آفيسرز اجازت وٺڻ کانسواءِ گرفتار نه ٿيندا

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيب پاران ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل وفاقي ۽ صوبائي ڪامورن جي گرفتارين بابت نئون طريقيڪار تيار ڪري ورتو آهي، هاڻي 17هين 19هين گريڊ جي ڪنهن به سرڪاري ڪاموري جي گرفتاري لاءِ نيب چيئرمين جي منظوري لازمي هوندي. ڊائريڪٽر جنرل نيب آپريشنز، سمورين ڊائريڪٽوريٽس کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته، وفاقي يا صوبائي کاتن جي ڪنهن به آفيسر کي ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ڪرڻ لاءِ لکت ۾ نيب چيئرمين کان اجازت ورتي وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته، 17ھين کان 19ھين گريڊ جي سرڪاري آفيسرز کي نيب چيئرمين جي اجازت کانسواءِ گرفتار ڪيو ويو ته اهڙي عمل خلاف نيب جي لاڳاپيل عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

پيپلزپارٽي جو25 اپريل وارو جلسو خطري ۾، پيپلزپارٽي پريشان

راڻا ثناءُ الله ۽ شرجيل ميمڻ وچ ۾ فون تي ٻه ڀيرا رابطا ضرور ٿيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *