سترهين کان 19 گريڊ جا آفيسرز اجازت وٺڻ کانسواءِ گرفتار نه ٿيندا
Asghar Azad
February 23, 2019
Uncategorized, پاڪستان
937 Views
اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) نيب پاران ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل وفاقي ۽ صوبائي ڪامورن جي گرفتارين بابت نئون طريقيڪار تيار ڪري ورتو آهي، هاڻي 17هين 19هين گريڊ جي ڪنهن به سرڪاري ڪاموري جي گرفتاري لاءِ نيب چيئرمين جي منظوري لازمي هوندي. ڊائريڪٽر جنرل نيب آپريشنز، سمورين ڊائريڪٽوريٽس کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته، وفاقي يا صوبائي کاتن جي ڪنهن به آفيسر کي ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ڪرڻ لاءِ لکت ۾ نيب چيئرمين کان اجازت ورتي وڃي. خط ۾ چيو ويو آهي ته، 17ھين کان 19ھين گريڊ جي سرڪاري آفيسرز کي نيب چيئرمين جي اجازت کانسواءِ گرفتار ڪيو ويو ته اهڙي عمل خلاف نيب جي لاڳاپيل عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.