Tuesday , June 17 2025
Breaking News

پاڪستان

اسلام آباد: فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ، پيپلز پارٽي وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو

پيپلزپارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏوي آهي، پ پ جي ترجمان فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته، فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري معاملي تي سڏايل اي پي سي ۾ مخالف ڌر جي سمورين پارٽين کي …

Read More »

شڪارپور: پوليس تاجڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو

شڪارپور پوليس چيو آهي ته خانپور مان پڪڙيل شڪي نوجوان آپگهاتي بمبار هو، جيڪو افغانستان کان هتي پهتو، جنهن لاهور ۾ آپگهاتي حملي جو منصوبو جوڙڻ جو اعتراف به ڪيو آهي. شڪارپور پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته، خانپور مان پڪڙيل شڪي نوجوان آپگهاتي بمبار آهي، جيڪو لاهور ۾ درگاهه بيبي …

Read More »

ڀارت ۽ پاڪستان جي پاڻي تي جهيڙي جو نقصان به سنڌ کي ڀوڳڻو پوندو: پاڻي ماهر

نامياري پاڻي ماهر اي اين جي عباسي چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي مان گريٽر ٿل ڪئنال بابت منظور ڪيل ٺهراءُ جي سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ حڪومت پاران سٺي نموني پوئواري نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ ايڪنيڪ سميت وفاقي حڪومت ۽ ان جي ٻين ادارن  سنڌ کي نقصان پهچايو، جنهن ۾ …

Read More »

دهشتگرد سنڌ ۾غربت جو فائدو وٺي سهولتڪار خريد ڪن ٿا:آغا سراج دراني

  سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سنڌ ۾ غربت جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته، افغانستان ۽ ٻين علائقن جا دهشتگرد غربت جو فائدو وٺي ڏوڪڙن عيوض سهولتڪار خريد ڪندا آهن. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دران اهڙو اظهار نئين ديري پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي …

Read More »

سکر ميونسپل جي آمدني 80 هزار ۽ خرچ 3ڪروڙن کان وڌيڪ..؟؟

سنڌهاءِڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ميونسپل جي ملازمن طرفان پينشن ۽ پگهارون نه ملڻ واري داخل ڪرايل درخواست تي مڪاني ادارن ۽ ناڻي کاتن جي سيڪريٽرين کي 13 مارچ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي …

Read More »

اسلام آباد: ڇا سنڌ ۾ بادشاهي راڄ آهي؟ هاڻي تماشو بند ڪيو: سپريم ڪورٽ

   سپريم ڪورٽ ٿرڪول اٿارٽي ۾ رٽائرڊ سرڪاري آفيسر کي ڪانٽريڪٽ تي 20هين گريڊ ۾ رکڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي هڪدم چيف انجنيئر محمد علي ميمڻ کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اعليٰ عدالت چيو آهي ته عدالتي فيصلي موجب ڪانٽريڪٽ تي رکيل رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي هڪدم هٽايو …

Read More »

ڪراچي: آدمشماري جو خرچ وڌي 30 ارب رپيا ٿي ويو

وفاقي حڪومت ايندڙ آدمشماري جي سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامي معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ آدمشماري لاءِ مختص ڪيل ساڍا 14 ارب رپين جي بجيٽ وڌائي 30 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي، جنهن مان 22.99 ارب رپيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سيڪيورٽي ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ڏنا …

Read More »

سنڌ ۾ آدمشماري، چيف سيڪريٽري جي صدارت ۾ گڏجاڻي

سنڌ جي چييف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ آدمشماري جي انتظامن بابت ٿيل اجلاس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملي جي رهائش، آدمشماري ۾ حصو وٺندڙن کي اچ وڃ جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو جائزو ورتو ويو، جنهن دوران اهم نقطن تي اتفاق ڪيو ويو. ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري رضوان …

Read More »

فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ وارو معاملو هڪ رولڙي جي ور چڙهي ويو

  پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ واري پارلياماني ڪميٽي جي بائيڪاٽ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي، هاڻي پ پ جمعي ڏين 24 فيبروري واري اجلاس ۾ شرڪت ڪندي، اجلاس ۾ پ پ پاران نويد قمرالزمان شريڪ ٿيندو. اڄوڪي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي پنهنجا خدشا کليل نموني …

Read More »

سنڌ مان سمورن غير قانوني پرڏيهي کي نيڪالي ڏني وڃي…!!

ڪراچي ۾ جمعيت علماءِ پاڪستان ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ميزباني هيٺ “پرامن سنڌ ۽ پر امن پاڪستان” جي عنوان سان ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس دوران 25 لک افغانين، ايرانين، برمين، بنگالين ۽ ٻين پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي سموري ملڪ ۾ آخري دهشتتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکڻ جو …

Read More »