سکر( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سکر ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي کي پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن چيو ته ٽيسٽون ڪرائڻ بعد خبر پئجي ويندي، علامتن مان پوليو محسوس ٿي رهيو آهي. پنوعاقل جي رهواسي دلدار سميجي جي 6 ورهين جي پٽ انصار علي سميجي کي پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن چيو ته ٻارڙي کي پوليو جو خدشو آهي، وڌيڪ ٽيسٽون ڪرائڻ بعد خبر پئجي ويندي ته پوليو آهي يا نه. ٻارڙي جي والد چيو ته پٽ انصار علي کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا هئا، ان جي باوجود پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.
Check Also
خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ
خيرپور (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …