لسٻيلو( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي لسٻيلو ۾ ڪار موٽر سائيڪل کي بچائيندي پل سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. لسٻيلي جي سوناري ويجهو تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل کي بچائيندي پُل سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. حادثي بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو تيز رفتاريءَ سبب پيش آيو آهي.
Tags 4 died in road accident at lasbella Accident lasbela Lasbello balochistan
Check Also
صدر آصف زرداري ڪرونا ۾ مبتلا
ڪراچي (چيف رپورٽر. سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ، هڪ هفتي لاء …