لاڙڪاڻو ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ سيد اڪبر حسين شاهه راشدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته متحده سان الائنس ناهي ۽ هو پنهنجو موقف تبديل ڪري قومي سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين متحده ۽ پي ايس پي کي گڏ ڪرڻ بابت پير سائين پاڳارا ڪوششون نه ڪيون ۽ اهڙين ڳالهين ۾ به ڪا صداقت نه آهي. لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد اڪبر حسين شاهه راشدي وڌيڪ چيو ته گذريل چونڊن بابت پيپلز پارٽي به چيو ته آر اوز وارا اليڪشن ڪرايا ويا. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو متبادل فنڪشنل ليگ جي صورت ۾ موجود آهي، سنڌ ۾ مضبوط اپوزيشن فنڪشنل ليگ آهي جيڪا اليڪشن کان اڳ ۽ اليڪشن کان بعد پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته 26 نومبر تي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس طرفان سکر ۾ جلسو منعقد ڪيو ويندو ان ۾ الائنس سان لاڳاپيل سمورا اڳواڻ موجود هوندا جلسي جي صدارت پير سائين پاڳارو ڪندو.
Tags Akbar Shah Rashidi Hanif suhag larkano PML F leader syed Akbar Shah Rashidi
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …