Friday , April 25 2025

رضا رباني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس، فوجي عدالتن مدي ۾ واڌ ورو بل منظور

 senate 1

سينيٽ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت 28 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، ترميم جي حمايت ۾ 78 ۽ مخالفت ۾ 3 ووٽ پيا، پختون خواهه ملي عوامي پارٽي بل جي مخالفت ڪئي، سينيٽ چيرمين رضا رباني چيو آهي ته هو بل تي صحيح ڪرڻ بعد بل کي منطوري لاءِ ايوان صدر اماڻيندو .

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ 28 هين ترميم تي غور ڪرڻ بعد وڏي اڪثريت  سان جي منظوري ڏني وئي.

سينيٽ ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت 28 هين آئيني ترميم تي راءِ شماري ڪرائي بل جي شق وار منطوري ورتي وئي.

اجلاس ۾ 28 هين آئيني  ترميم جي حمايت ۾ 78 ۽ مخالفت ۾ 3 ووٽ پيا، پختون خواهه ملي عوامي پارٽي بل جي مخالفت ڪئي.

سينيٽ چيرمين رضا رباني چيو آهي ته هو بل تي صحيح ڪرڻ بعد بل کي منطوري لاءِ ايوان صدر اماڻيندو

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري ڪرونا ۾ مبتلا

ڪراچي (چيف رپورٽر. سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ، هڪ هفتي لاء …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *