Sunday , June 15 2025
Breaking News

موهن جي دڙي جا ماڻهو سلجهيل ۽ تعليم ۾ يقين رکندا هئا: گريس شلٽن

Consul General Grace W. Shelton1 Consul General Grace W. Shelton2

امريڪي قونصل جنرل گريس شيلٽن چيو آهي ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ تعليم ئي بنيادي ڏاڪو آهي، جنهن کان سواءِ ترقي ۽ خوشحالي ممڪن نه آهي.
موهن جو دڙو ۽ لاڙڪاني جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي گريس شلٽن چيو ته، موهن جي دڙي جا ماڻهو هزارين ورهيه اڳ به دنيا جي مهذب هئا، سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ تعليم تي يقين هو.
موئن جي دڙي کي ڏسي کيس احساس ٿيو آهي ته هتان جا ماڻهو تعليم يافته ۽ اُن تي يقين رکندڙ هئا.
امريڪي قونصل جنرل مختصر دوري تي موئن جو دڙو پهتي، جتي انتظاميه به ساڻس گڏ هئي.
امريڪي قونصل جنرل تاريخي اهميت جي حامل موئن جي دڙي جا مختلف حصا گهمي ڏٺا.
ان موقعي تي هن چيو ته آڳاٽي تهذيب ۽ ان جو شاندار حُسن ڏسي کيس احساس ٿيو آهي ته هتان جا ماڻهو تعليم يافته ۽ ان تي يقين رکندڙ هئا.
گريس شيلٽن قائد اعظم انجينئرنگ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردن ۽ استادن سان به ملاقات ڪئي.
بعد ۾ گريس شيلٽن ڳڙهي ياسين وڃي آغا سراج دراني جي مانجهاندي ۾ به شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *