Sunday , June 15 2025
Breaking News

تبديلي سرڪار جو حڪم، عوام کان اضافي 12 ارب رپيا اوڳاڙڻ جو حڪم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار)تحريڪ انصاف جي تبديلي سرڪار مهانگائي سٽيل عوام مٿان بجلي بم ڪيرائيندي هر مهيني 12 ارب رپين جو واڌو بار وڌو ويو آهي، وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ نيپرا بجلي 83 پئسا مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ جولاءِ مهيني جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، واهپيدارن کان بجلي جا نوان اگهه آڪٽوبر مهيني جي بجلز ۾ اوڳاڙيا ويندا، اگهن ۾ واهپي سان عوام تي 12 ارب رُپين جو اضافي بار پوندو، ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي نون اگهن ۾ واڌ کان آجي قرار، نيپرا سنڌ جي ميمبر بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي مخالفت ڪندي اختلافي نوٽ لکي ڇڏيو، سنڌ جي ميمبر رفيق شيخ جو چوڻ آهي ته ميرٽ آرڊر خلاف پاور پلانٽ هلائڻ جو بار عوام تي وڌو ويو آهي، ادارن جي ناقص ڪارڪردگي جو بار بجلي جي واهپيدارن تي نه وجهڻ گهرجي.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%d9%be%d8%a7%da%aa%d8%b3%d8%aa%d8%a7%d9%86-%d8%a2%d8%a6%d9%8a%d9%84%d9%8a%d9%86%da%8a%d8%b2-%da%8a%d9%88%d9%84%d9%be%d9%85%d9%8a%d9%86%d9%bd-%d8%a7%d9%bf%d8%a7%d8%b1%d9%bd%d9%8a-%d8%ac%d9%88-%d9%82/

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *