Sunday , April 28 2024

مولانا فضل الرحمان ڪنهن جي به نه ٻڌي، 27 آڪٽوبرکان مارچ جو اعلان

مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته، اپوزيشن جون سموريون پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته 2018 کي ڌانڌلي زده قرار ڏئي چڪيون آهن ۽ هاڻي سڀ جماعتون ان ڳالهه تي سمهت آهن ته وقت کان اڳ نيون چونڊون ڪرايون وڃن.

اسلام آباد( بيورو رپورٽر   سنڌسماءَچار) جي  يو آءِ سربراهه مولانا فضل پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ پاران آزادي مارچ آڪٽوبر ۾ نه ڪرڻ وارن مشورن باوجود 27 آڪٽوبر کان آزادي مارچ جو اعلان ڪندي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ جي يو آءِ جي مجلس  شوريٰ جي اجلاس ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي 27 هين آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ ڪشمير يڪجهتي ريليون ڪڍي اسلام آباد طرف آزادي مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته، اپوزيشن جون سموريون پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته 2018 کي ڌانڌلي زده قرار ڏئي چڪيون آهن ۽ هاڻي سڀ جماعتون ان ڳالهه تي سمهت آهن ته وقت کان اڳ نيون چونڊون ڪرايون وڃن. فضل الرحمان چيو ته ڪشمير يڪجهتي ريليون نڪرڻ سان ئي آزادي مارچ شروع ٿي ويندو، جنهن جي  منزل اسلام آباد طرف هوندي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان قافلا پهچي مارچ ۾ شامل ٿيندا.جي يو آءِ سربراهه چيو ته، بلاول ڀٽو سان هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، مارچ جي تاريخ تبديل ڪرڻ لاءِ نه ڪنهن چيو آهي ۽ نه ئي وري سندن اهڙو ارادو آهي. هو حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري ڏيکاريندا. هن چيو ته سموريون سياسي جماعتون متفق آهن ته ملڪ ۾ جلد چونڊون ڪرايون وڃن، حڪومت سان ڪنهن به معاملي تي مفاهمت نه ڪئي ويندي. ملڪ هن وقت رسڪ تي آهي ۽ هاڻي پاڪستان جي بقا جو سوال پيدا ٿي ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾جي يو آءِ ف جي سربراهه چيو ته سڀئي ڏسندا ته مارچ ۾ 15 لک ماڻهو ڪيئن ٿا اچن.

پريس ڪانفرنس کان اڳ مولانا فضل الرحمان سان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاولاُن کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي، جنهن دوران پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف، نيئر بخاري، فرحت الله بابر، مصطفيٰ کوکر ۽ قمر الزمان ڪائره موجود هئا، اُن کانسواءِ جي يو آءِ ف طرفان مولانا غفوري حيدري، اڪرم دُراني، مولانا اسد محمود ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

ملاقات دوران جي يو آءِ جي آزادي مارچ ۽ حڪومت مخالفت تحريڪ هلائڻ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا.پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر جو چوڻ هو ته پ پ ۽ جي يو آءِ ف ڪجهه نقطن تي متفق ٿيون آهن، موجوده پي ٽي آءِ جي حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، بلڪه معاملو ناڪاميءَ کان به اڳتي نڪري ويو آهي. موجوده حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي. فرحت الله بابر چيو ته هو ٽيڪنوڪريٽ حڪومت نه، پر نئين سر چونڊون چاهين ٿا، ڇاڪاڻ ته 2018ع واريون چونڊون جعلي هيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *