Monday , May 6 2024

بجيٽ 2020-21، سنڌ جي سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن لاءِ خوشخبري

سنڌ حڪومت حڪومت گريڊ هڪ کان 16 جي ملازمن جي 10، 17 کان 22 گريڊ جي ملازمن جون 5 سيڪڙو پگهارون وڌائي ڇڏيون

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشنرز جي پينشن ۾ ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت هڪ کان 16هين گريڊ تائين سرڪاري ملازمن لاءِ 10 سيڪڙو ۽ 17 کان 22 گريڊ تائين سرڪاري ملازمن لاءِ 5 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وڏي وزير ڪورونا سان فرنٽ لائين تي ويڙهه ڪندڙ ڊاڪٽرز ۽ پئراميڊيڪل سوڌو صحت کاتي جي ملازمن کي رسڪ الائونس طور هڪ بُنيادي پگهار اضافي ڏيڻ جو اعلان به ڪيو. سنڌ سرڪار جي بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام۾ 58 ارب رُپين جي ڪٽوتي ڪري هڪ کرب 70 ارب رُپيا مخصوص ڪئي وئي. وڏي وزير موجب ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ واري ڪووِڊ ريسپانس پروگرام لاءِ 50 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي. سالياني ترقياتي رٿائن واري پروگرام ۾ زراعت کاتي لاءِ 10 ارب 47 ڪروڙ، اوقاف کاتي لاءِ 99 ڪروڙ، بورڊ آف روينيو لاءِ 61 ڪروڙ 80 لک ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 36 ڪروڙ 70لک رُپين جون رٿائون شامل ڪيون ويون وڏي وزير چيو آهي ته سياحت ۽ ثقافت کاتي لاءِ 83 ڪروڙ، تعليم کاتي جي اسڪول ۽ ڪاليج ايجوڪيشن سوڌو ٻين شعبن لاءِ 23 ارب 39 ڪروڙ رُپين جون ترقياتي رٿائون رکڻ جي تجويز آهي. وڏي وزير چيو آهي ته سالياني ترقياتي پروگرام ۾ توانائي شعبي لاءِ 4 ارب 30 ڪروڙ، ٻيلي کاتي لاءِ 5 ڪروڙ، گورنر سيڪريٽريٽ لاءِ 3 ڪروڙ، صحت لاءِ 28 ارب 89 ڪروڙ ۽ آبپاشي کاتي لاءِ 17 ارب 92 ڪروڙ رُپين جون اسڪيمز به شامل آهن. وڏي وزير جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙي نعريبازي پڻ ڪئي.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%da%aa%d8%b1%d9%88%d9%86%d8%a7-%d8%ac%d9%8a-%d9%88%d8%a8%d8%a7-%da%86%d9%88%d9%bd-%da%86%da%99%d9%87%d9%8a%d9%84%d8%8c-%d8%a7%d9%86%da%8a%d8%b3-%d8%a7%d8%b3%d9%be%d8%aa%d8%a7%d9%84-300-%d9%85%d9%84/

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *