Sunday , June 15 2025
Breaking News

10-آگسٽ کان پاڪستان ۾ ڪرونا وگهي روز 80 هزار ماڻهو

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس آگسٽ مهيني دوران زورن تي هوندو، وبا کي لاڪ ڊائون ذريعي ئي روڪي سگهجي ٿو

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز ) لنڊن جي مشهور امپيريل ڪاليج جي ڪرونا وائرس بابت ڪيل هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ آگست مهيني جي پهرين هفتي کان ڪرونا وائرس جو ڦهلاءُ چوٽ چڙهي ويندو، جيڪڏهن ان کان اڳ لاڪ ڊائون نه ڪيو ويو ته، 10 آگست 2020 کانپوءِ پاڪستان ۾ روز 80 هزارن کان وڌيڪ  ماڻهو حياتيون وڃائيندا. امپيريل ڪاليج برطانوي حڪومت جي سهڪار سان مختلف تحقيقاتي ادارن ۽ صحت جي ماهرن سان گڏجي پاڪستان، افغانستان، بنگلاديش، برازيل، ڀارت، انڊونيشيا، ملائيشيا، روس ۽ شام سميت مختلف ملڪن ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحا بابت ڪيل تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته، آگست مهيني جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان اندر ڪرونا جي وبا چوٽ چڙهي ويندي، پاڪستان ۾ آگسٽ مهيني دوران روزانو 80 هزار ماڻهو وبائي مرض جو کاڄ بڻجندا.رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جنوري 2021 تائين پاڪستان ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ 35 لکن ڏيڍ ڪروڙ تائين ٿي ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي ڪرونا جي ان خطرناڪ صورتحال کان بچڻو آهي ته سخت لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. ان سلسلي ۾ هيل تائين پاڪستان جي وفاقي حڪومت امپيريل ڪاليج جي رپورٽ بابت ڪا به وضاحت ناهي ڪئي وفاقي حڪومت ان رپورٽ کي رد به ناهي ڪيو.

http://www.sindhsamaachar.com/ur/%da%aa%d8%b1%d9%88%d9%86%d8%a7-%d8%ac%d9%8a-%d9%88%d8%a8%d8%a7-%da%86%d9%88%d9%bd-%da%86%da%99%d9%87%d9%8a%d9%84%d8%8c-%d8%a7%d9%86%da%8a%d8%b3-%d8%a7%d8%b3%d9%be%d8%aa%d8%a7%d9%84-300-%d9%85%d9%84/

About Asghar Azad

Check Also

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو

ڪئنال منصوبو مڪمل رد نه ٿيو، ”گڏيل اتفاق راءِ“ جي ٻه واٽي تي ٽَنگِيَل رهندو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *