Sunday , June 15 2025
Breaking News

ڪنڊيارو جي قديمي قاسميا لائبريري ۾ برسات جو پاڻي داخل، هزارين ڪتاب تباهه

ڪنڊيارو جي قديمي قاسميا لائبريري ۾ برسات جو پاڻي داخل، هزارين ڪتاب تباهه، ڪيترن ئي ڪتابن جا قلمي نسخا به زيان ٿيڻ جو امڪان

نوشهرو فيروز( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڪنڊيارو ۾ قائم قديمي قاسميا لائبريري جي زبون حالت نيٺ هزارين ڪتابن جي تباهي جو ڪارڻ بڻجي  وئي آهي، چوماسي جي  تازن مينهن دوران لائبريري جي ڇت ٽِمڻ ڪري ۽ ٻاهران پاڻي داخال ٿي ويو آهي. لائبريري مک حال ۾ پاڻي داخل ٿيڻ ڪري ڪٻٽن، ميزن ۽ فرش تي رکيل هزارين ڪتان پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. هزارين ڪتاب جيڪي پاڻي ۾ پُسڻ کان بچي ويا آهن انهن جي گهمجڻ سبب خراب ٿيڻ جو امڪان آهي. علائقي واسين جو چوڻ  آهي ته لائبريري مولانا قاسم سومرو ۽ سندس ساٿين جي ڪاوشن سان قائم ٿي ۽ ان کي آباد رکيو ويو. هڪ اندازي مطابق هن لائبريري ۾ 60 هزار کان وڌيڪ ڪتاب آهن، جن ۾ تاريخ، مذهب سميت مختلف موضوئن جا ڪتاب آسامل آهن، ان لائبريري ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جا قلمي نسخا به رکيل هئا/ آهن. سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت يا ثقافت کاتو ان لائبريري يا اهڙين ٻين لائبريرين لاءِ ڪجهه ب ه نه ڪندو انڪري ڪري سرندي وارن علم ادب دوست ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ پهرين پهل ڪري هن لائبريري کي بچايو وڃي ۽ ڪتاب محفوظ ڪيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *