Friday , April 25 2025

بلوچستان ۾ ترقي جي نالي تي ڌارين جي آباڪاري ٿي رهي آهي: ڊاڪٽر حئي بلوچ

گهوٽڪي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر حئي بلوچ چيو آهي ته بلوچستان ۾ ترقي جي نالي تي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، پ پ کي پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر اپوزيشن جي سڀني پارٽين جو گڏيل محاذ جوڙڻ گهرجي. گهوٽڪي ۾ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي حئي بلوچ چيو ته غيرجمهوري قوتون بلوچستان ۾ سياسي ڪارڪن خلاف ڪارروايون ڪري رهيون آهن، جنهن سان صوبي ۾ انارڪي ڦهلجي رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ترقي جي نالي تي ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي صوبي جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو. هن جو چوڻ هو ته حالتن کي آڏو رکندي پيپلز پارٽي کي پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر اپوزيشن جي پارٽين جو گڏيل محاذ جوڙڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌوءَ تي ڌاڙو، زمينن تي والار نامنظور، ٻٻرلوءِ وٽ وڪيلن جو ڌرڻو جاري

ٻٻرلوءِ / خيرپور( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) “سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *