اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت اختيار اورانگهي ملڪي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان ڏيڻ واري ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظ۾ شوڪت عزيز جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ واري ريفرنس جي شنوائي ڪئي. عدالت لاڳاتار پيش نه ٿيڻ تي شوڪت عزيز جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت لياقت جتوئي، شاهد حامد، اسماعيل ڪورائي ۽ نسيم اختر جي پيشي کان آجو قرار ڏيڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي.
Check Also
صدر آصف زرداري ڪرونا ۾ مبتلا
ڪراچي (چيف رپورٽر. سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ، هڪ هفتي لاء …