Monday , June 16 2025
Breaking News

نثار کهڙو ۽ ندا کهڙو رڪشا ڊرائيورز کي اڃا ڀاڙو نه ڏنو

    نثار کهڙو ۽ ندا کهڙو رڪشا ڊرائيورز کي اڃا ڀاڙو نه ڏنو، ڊرائيورن جو ٽئين ڏينهن به احتجاج

لاڙڪاڻو ( رپورٽر سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ۾ پ پ اڳواڻ طرفان رڪشا جو ڀاڙو مبينا طور ادا نه ڪرڻ خلاف رڪشا ڊرائيورن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. رڪشا ايسوسيئشن لاڙڪاڻو جي سڏ تي رڪشا ڊرائيورن گلزار گوپانگ جي اڳواڻي ۾ٽئين ڏينهن به جناح باغ چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ سندس ڌيءُ ندا کهڙو چونڊ مهم ۽ پولنگ ڊي تي ووٽرز لاءِ رڪشا ڀاڙي تي ورتا هئا، جن جو ڀاڙو ادا نه پيو ڪيو وڃي. هنن چيو ته ندا کهڙو تي رڪشا ڊرائيورن جا ساڍا 6 لک رپيا رهيل آهن، جيڪي ادا نه ڪرڻ زيادتي آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي، ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *