Sunday , June 15 2025
Breaking News

پيپلز پارٽي ڪراچي جي ميئرشپ حاصل ڪرڻ جي ويجهو پهچي وئي

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌ سماءَچار) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو، اليڪشن ڪميشن ڪراچي ڊويزن جا حتمي نتيجا جاري ڪري ڇڏيا، ڪراچي جِي 235 يونين ڪميٽيز مان 93 تي پيپلزپارتي ڪامياب، جماعت اسلامي جو 86، پي ٽي آءِ 40 سيٽن تي ڪامياب، سرڪاري نتيجن ۾ نواز ليگ 7، جي يو آءِ 3 ۽ ٽي ايل پي ٻن سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي، آزاد اميدوار ٽِن ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي هڪ سيٽ تي ڪامياب ٿي آهي.

صوبائي اليڪشن ڪميشن سنڌ پاران جاري ڪيل ڪراچي ڊويزن جي حتمي سرڪاري نتيجن ۾ پيپلزپارٽي پهرين، جماعت اسلامي ٻئي ۽ پي ٽي آءِ ٽئين نمبر تي ڪامياب ٿي آهي، ن ليگ، ٽي ايل پي، آزاد اميدوار 3۽ ايم ڪيو ايم حقيقي به هڪ سيٽ تي ڪاميابي هاصل ڪئي آهي. جماعت اسلامي مڪاني چونڊن جي نتيجن کي مڃڻ کان اڳ هنگامي اجلاس سڏائي ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *