اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي پنجاب ۾ پاورشيئرنگ نه ملڻ تي اتحاد ختم ڪرڻ ۽ ڳالهين واريون ڪميٽيون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم سان ڳالهين جا اختيار آصف زرداري حوالي ڪري ڇڏيا. پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدار هيٺ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ سينٽرل ايگزيڪويٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾، پ پ پنجاب جي ميمبرن ن ليگ سان اتحاد باوجود کين اقتدار ۾ حصيداري نه ڏيڻ، قانون سازي سميت ٻين حڪومتي فيصلن صلاح مشورا نه ڪرڻ تي سخت موقف اختياري ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سي اي سي پنجاب جي ميمربن جو چوڻ هو ته اتحادي هجڻ باوجود کين ڪنهن به قسم جي موٽ نه ٿي ملي، ايتري تائين جو ڪنهن به قانون سازي ۾ به صلاح مشورو نه ٿا ڪن، اهڙي صورتحال ۾ هُو عوام کي ڇا ڏئي سگهندا، سڀاڻي ووٽ ڪيئن وگهري سگهندا، اهڙي اتحادي حڪومت ۾ هجڻ کان بهتر آهي ته اتحاد ختم ڪري ڇڏجي. مليل ڄاڻ موجب پ پ پنجاب ۾ ن ليگ ۽ صوبائي حڪومت سان ڳالهين بابت جوڙيل ڪميٽيون ٽوڙي ڇڏيون آهن، هاڻي ن ليگ سان ڳالهين جا سمورا اختيار صدر آصف زردااري جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، هو ان معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف سان پاڻ ڳالهائيندو.
Check Also
صدر آصف زرداري ڪرونا ۾ مبتلا
ڪراچي (چيف رپورٽر. سنڌسماءَچار) صدر آصف علي زرداري ڪرونا ۾ مبتلا ، هڪ هفتي لاء …