Sunday , June 15 2025
Breaking News

ٽن ڄڻن جي قتل جي ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو کي پرڏيهه فرار ڪرائڻ جون تياريون

ڪراچي( اصغر آزاد  سنڌسماءَچار)  ميهڙ جي يو سي ٻليدائي جي چيئرمين ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن کي پرڏيهه ڀڄائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ نامزد ٿين پ پ ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار برهان خان چانڊيو کي گرفتاري کان بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جنهن لاءِ مخصوص ماڻهن کان احتجاج ڪرائڻ سان گڏ ٻنهي جوابدار ڀائرن کي پرڏيهه ڀڄائڻ جي ڪوشش ۾ سنڌ حڪومت جي بااثر شخصيت ۽ پ پ قيادت به شامل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار چانڊيو جلد دبئي يا قطر هليو ويندو. ڇو ته سردار چانڊيو جا دبئي، شارجا ۽ قطر جي شيخن سان واسطا به آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *