Friday , April 25 2025

ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڪار ڪلٽي، ڪراچي واسي 4 ڄڻا فوت، هڪ عورت زخمي

خيرپور (خاص نماندو سنڌسماءَچار) ٻٻرلوءِ ڀرسان ڪار کڏ ۾ ڪري پئي، لاهور ويندڙ چار ڄڻا فوت، هڪ عورت زخمي، لاش وارثن حوالي، زخمي عورت اسپتال داخل، ويجهو تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڪراچي کان لاهور ويندڙ تيز رفتار رفتار ڪار آرمي موڙ وٽ ڪلٽيون کائي کڏ ۾ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي واسي ڪار سوار پنجن ڄڻن مان چار ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ ھڪ عورت زخمي ٿي. چئني فوتين جا لاش ۽ زخمي عورت کي موٽر وي پوليس ڪار جا ڪجهه حصا ڪٽي ٻاهر ڪڍيا. حادثي ۾فوت ٿيل ٽن ڄڻن جي سڃاڻپ سرفراز، اويس ۽ اسد طور ٿي، جڏهن ته ھڪ فوتي ۽ زخمي عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. فوتين جا لاش سکر اسپتال پھچايا ويا آهن، جڏهن ته زخمي عورت کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي جي نتيجي ۾ فوتين جي سڃاڻپ ڪراچي واسين طور ڪي وئي آهي، جيڪي ڪراچي کان لاهور وڃي رهيا هئا ته ڪار حادثي جو شڪار بڻجي وئي. پوليس موجب حادثو ڊرائيور کي ننڍ اچڻ ڪري پيش اچڻ جو امڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان

وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *