هالا (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) هالا ويجهو سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 12 ڄڻا ٻڏي ويا، مقامي ماڻهن ٽ6 ڄڻن جا لاش ڪڍي ورتا آهن، ٻين جي ڳولا جاري آهي. هالا ويجهو ٻيڙي ذريعي درياءُ پار ڪندي تيز هوائن ۽ گهڻو وزن هجڻ جيڪري ٻ ڏي وئي، اطلاع ملڻ تي سڀ کان پهريان علائقي واسين واقعي واري هنڌ پهچي، ٻن عورتن ۽ هڪ مرد جو لاش ڪڍي ورتو ۽ ٻين ٻڏي ويلن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 12 ڄڻا سوار هئا، جيڪي مٽياري کان ڪچي واري علائقي ۾ واقع ڳوٺ دڙا ماڇيون وڃي رهيا هئا. ريسيڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته هيل تائين 6لاش ٻاهر ڪڍيا ويا آهن، جِن ۾ عورتون ۽ مرد شامل آهي، جڏهن ته ٻڏي ويل ٻين ماڻهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
Tags مٽياري ٻيڙي اونڌي هالا ڀرسان سنڌ درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي، 12ڄڻا ٻڏي ويا،3 لاش هٿ
Check Also
پنجاب جا رستا مڪمل بند رهندا، ڪمون شهيد ۽ ڊيرا موڙ تي به ڌرڻن جو اعلان
وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، پنجاب جي روڊ رستي رسد بند ڪرڻ …