Sunday , June 15 2025
Breaking News

فيض گنج ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر ماڻهن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتاج

فيض گنج (سنڌسماءَچار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) فيض گنج ۾ ڳوٺاڻن پوليس ۽ بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ڳوٺ کنياري جي رهواسين محمد ڪوڙل ڪلهوڙو، علي حسن، جعفر، منظور ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.  احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ بااثر ماڻهن سندن گهر ۾ گهڙي نياڻي وحيده ڪلهوڙو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران هڪ جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو، پر پوليس ان خلاف ڪيس داخل نه ڪيو آهي. هنن چيو ته اڪري پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڀارت پئسا ڏئي ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو: چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني حڪومت کي هڪ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *